اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، اسد عمر، فواد چوڌري خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ پاران ڪارروائي ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي، فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن پيش ٿيو ۽ چيو ته اسان توهان جي ايتري تعريف ڪري رهيا آهيون جيڪا توهان نوٽ نه ڪري رهيا آهيو، صرف تنقيد ٻڌو ٿا، اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ جيڪو ڪردار ادا ڪيو اهو قابل تعريف آهي، اسان اليڪشن ڪميشن سان گڏ آهيون، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو نيوٽرل ڪردار نظر اچڻ گهرجي، اسان جي گذارش آهي ته ان ڪيس کي ختم ڪيو وڃي، عمران خان لازمي اليڪشن ڪميشن ۾ ايندو، هن وقت ان جي سيڪيورٽي جو مسئلو آهي.