اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عورت جج کي ڌمڪي واري  ڪيس ۾ عمران خان جا  گرفتاري وارنٽ 16 مارچ تائين معطل ڪيا ويا، ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل ٻڌايو ته عمران خان جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ پيش ٿيو، ان تي جج چيو ته عمران خان جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ پيش ٿيو پر ڪچهري ۾ ته پيش نه ٿيو نه، ڪچهري ۾ 2014 ۾ حملو ٿيو، ان کانپوءِ ڪچهري شفٽ ٿي؟ جج چيو ته عمران خان جي حڪومت هئي پوءِ به ڪچهري شفٽ نه ٿي، اوهان پنهنجي حڪومتي دور ۾ ڪچهري کي شفٽ نه ڪرايو، تحريڪ انصاف نالو ته آهي پر ڇا ڇا آهي، ڳالهيون ته وڏيون ٿينديون آهن، جج جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف ڪو هڪ ليگل ريفارم ٻڌايو، ڪچهري ۾ عمران خان پهريون اچي چڪو آهي، ٻيهر به اچي سگهي ٿو، عمران خان کي ڪيس جي ڪاپي فراهم ڪرڻي هئي، ان جي ڪري عدالت گهرايو هو، وڪيل جي دليلن بعد اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت عمران خان جي درخواست تي وارنٽ معطل ڪيا، گذريل ڏينهن عدالت پيش نه  ٿيڻ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا هئا، عمران خان گرفتاري وارنٽ کي عدالت ۾ چئلنج ڪيو هو.