ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٿرڪول پاور پلانٽ کي پاڻي فراهم ڪرڻ وارو منصوبو 66 ارب خرچ ڪرڻ باوجود مڪمل نه ٿيو، لاڳاپيل انتظاميه تفصيل ڏيڻ کان انڪار، شهري عدالت پهچي ويو، عدالت توانائي، آبپاشي کاتي ۽ ٿر ڪول انتظاميه کي منصوبي بابت معلومات فراھم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿر ڪول پاور پلانٽ کي پاڻي فراهم ڪرڻ واري منصوبي ۾ مبينه ڪرپشن خلاف شھري عنايت علي مرزا طرفان پروجيڪٽ بابت معلومات فراهم ڪرڻ لاء درخواست جي ٻڌڻي ٿي، وڪيل ٻڌايو ته نبي سر کان ٿر ڪول پاور پلانٽ تائين 50 ڪيوسڪ پاڻي جي لائين وڇائي وئي آهي، هن وقت تائين منصوبي جي لاڳت 66 ارب رپيا ٿي چڪي آهي، رقم خرچڻ باوجود منصوبو اڻپورو آهي، سيڪريٽري آبپاشي سميت ڪو به ماڻهو صحيح معلومات مهيا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اسان کي رڳو فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون ڏئي 30 هزار طلب ڪيا ويا، فوٽو اسٽيٽ ڪاپين جي رقم ڏيڻ لاءِ به تيار آهيون پر چالان جي ڪاپي نه پئي ڏني وڃي. عدالت توانائي، آبپاشي کاتي ۽ ٿر ڪول انتظاميه کي منصوبي بابت معلومات فراھم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪا ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ قانوني رقم ادا ڪرڻي هجي ته چالان جي ڪاپي درخواست گذار کي فراهم ڪئي وڃي.