لاڙڪاڻو: تعلقي ٿاڻي جي مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ممتاز ڪالوني واسي نوجوان عرفان شيخ جي وارثن مقابلي کي جڙتو قرار ڏيندي نوجوان جو لاش پريس ڪلب آڏو رکي ڌرڻو هنيو.سليم شيخ، عاشق شيخ، ميرل شيخ ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته عرفان شيخ رنگ جو مستري هو .27 رجب جي رات لاڙڪاڻي مان ڪراچي روزگار جي سلسلي ۾ ڪوچ تي وڃي رهيو هو ته کيس تعلقي ٿاڻي جي ايس ايڇ او غلام سرور گوندل گرفتار ڪرڻ بعد چئن ڏينهن تائين لڪائي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي کيس قتل ڪري ڇڏيو.هنن ٻڌايو ته اهڙي واقعي جي سڌ سوشل ميڊيا ذريعي پوڻ تي اسان پوليس سان رابطو ڪيو جن اسان کي چانڊڪا اسپتال موڪليو جتي پوسٽ مارٽم بعد ڀاءُ جو لاش اسان حوالي ڪيو ويو آهي. هن چيو ته منهنجي ڀاءُ عرفان مٿان داخل سمورا ڪيس ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن جيڪڏهن ڀاءُ مٿان ايترا ڪيس داخل هئا ته پوليس کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪري جيل موڪلي ها پر پوليس کيس عدالت ۾ پيش ڪرڻ بجاءِ پنهنجي عدالت لڳائي جڙتو مقابلي ۾ قتل ڪري وڏي ناانصافي ڪئي آهي.