جهوڪ شريف(ن پ ا)   جهوڪ شريف ۾ نياڻين جا اسڪول مسئلن جو شڪار آهن. گرلز پرائمري اسڪول جي عمارت نه هجڻ ڪري پهرئين کان پنجين تائين پڙھائي مڊل اسڪول جي عمارت ۾ هلندڙ آهي جڏهن ته مڊل اسڪول ۾ ماسترياڻين جي کوٽ سبب شاگردياڻين جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي. اسڪول ۾ به بجلي سولر سسٽم پاڻي ۽ فرنيچر جي سخت کوٽ آهي، جنهن سبب شاگردياڻين جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي. اسڪول ۾ واشروم نه هجڻ سبب معصوم نياڻيون ڀر وارن گهرن ۾ وڃڻ تي مجبور آهن. اسڪول جو مين گيٽ پڻ ڪافي وقت اڳ چور پٽي کڻي ويا مين گيٽ نه هجڻ ڪري شام کانپوء اسڪول ۾ موالين جو قبضو هوندو آهي ۽ اهي اسڪول ۾ ويهي نشو واپرائين ٿا. سياسي سماجي اڳواڻن والدين ۽ شھرين حاجي خان جلالاڻي غلام حسين ڪنڀار شڪور ميرانپوري ۽ ٻين سنڌ حڪومت تعليم جي صوبائي وزير۽ ٻين اعلي اختيارين کان نوٽس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.