ميرپوربٺورو (ن پ ا) بٺوري ۾ روڊ تباهه ٿي ويا آهن. روڊن جي ٻنهي پاسي جھنگ ڦٽڻ ڪري لنگه سوڙها ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ کورواھ روڊ جاتي چوڪ روڊ سجاول روڊ  تي ديوين جا وڻ وڌي وڃڻ ڪري روڊ سوڙھا ٿي ويا. روڊ سوڙھا ٿيڻ سبب حادثا روز جا معمول بڻيل آھن، حادثن سبب ڪجھ ماڻھو حياتي به وڃائي ويٺا بيلدار ڊيوٽي ڪرڻ کان غائب آهن. ڳوٺاڻن عارب ڪيهر نور محمد چانڊيو علي گل زئور علي اڪبر شاھ ۽ ٻين چيو ته روڊ تان ديويون وڍرائي حادثن کان بچايو وڃي۔ ٻئي پاسي دڪي کان ساپڙي تائين ڪيترن ئي ڳوٺن کي شھر سان ملائيندڙ روڊ 15 سالن کان تباھ پيل آهن، برساتن ۽ بيماري ۾ ڳوٺاڻا مشڪلاتن جي ور چڙھي وڃن ٿا. ان ڏس ۾ دڙي روڊ کان شاھنواز لغاري تائين ڳوٺ اسحاق خاصخيلي ڳوٺ موسي ڪنڊرا ڳوٺ عبدالله کاڙڪ ڳوٺ ۽ ٻين ڳوٺ جو روڊ تباھ پيل آهي. جڏهن ته بگهاڙ واھ کان بٺوري کي ملائيندڙ 10 ڳوٺ جو روڊ پڻ تباهي جي ور چڙھيل آهي. بٺوري کان 16 ڪلو ميٽر ڄار روڊ تائين تباھ هجڻ ڪري 70 ڳوٺن جي رهواسين کي پاڻ ڏکايون آهن. رھواسين بشير ميراڻي لياقت کاڙڪ موسيٰ گھگھڙ شير علي پرهياڙ ۽ ٻين مطالبو ڪيو آھي ته روڊ ٺھرائي عوام کي مشڪلاتن کان بچايو وڃي