حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي علائقي چينل موري وٽ اڪرم واهه ۾ لاڏائو قبيلي سان تعلق رکندڙ هڪ شخص ٻڏي فوت ٿي ويو. هٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ ٻڏي فوت ٿيل شخص جو لاش واهه مان ڪڍرائڻ لاءِ پوليس حدبندي جو تڪرار ڄاڻائي ڪو به تحرڪ نه ورتو. مقامي ماڻهن پنهنجي پاڻ تحت لاش جي 8 ڪلاڪ ڳولا ڪئي پر ٻڏي فوت ٿيل همراهه جو لاش هٿ نه اچي سگهيو. علائقي واسين ٻڌايو ته صبح جو 11 بجي هيملو جنڊوڙو اڪرم واهه جي ڪناري تي وهنجي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب واهه ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿيو. سندس وارثن اهڙو اطلاع هٽڙي ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو پر هٽڙي ٿاڻي جي پوليس وارثن کي ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي حد ڄاڻائي اوڏانهن روانو ڪري ڇڏيو جنهن بعد وارث ٽنڊو يوسف ٿاڻي تي پهتا پر لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس به ساڻن ڪو سهڪار نه ڪيو. متاثر خاندان ٻڌايو ته انهن پنهنجي مدد پاڻ تحت علائقي مان ڪجهه تارو نوجوانن کي گهرايو جن لاڳيتو 8 ڪلاڪ لاش جي ڳولا ڪئي پر لاش هٿ نه اچي سگهيو ۽ اونڌاهه ٿيڻ بعد لاش جي ڳولا بند ڪئي وئي. اڄ ٻيهر همراهه جي لاش جي ڳولا ڪئي ويندي.