شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾14 سالن جي نينگر سان 3 ڄڻن مبينا اجتماعي بدفعلي، ڪيس داخل، پوليس جوابدار گرفتار نه ڪيا، هڪ جوابدار گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي ورتي. خبر موجب شهر جي موچي محلا واسي 14 سالن جي علي رضا سومرو سان ڳڙھي خيرو روڊ تي خالي پيل پلاٽ تي 3 ڄڻن ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي اجتماعي بدفعلي ڪئي، ان ڏس ۾ بي سيڪشن ٿاڻي تي متاثر نينگر جي پيءُ وڪيل احمد سومرو جي فرياد تي ٽن جوابدارن بلاول بروھي، فراز لغاري ۽ ھڪ اڻ سڃاتل خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. نينگر جي پيءُ ڄاڻايو آهي ته ٽنهي جوابدارن سندس پٽ علي رضا سومرو کي گهران سڏي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي بدفعلي ڪئي، هوڏانهن پوليس ڪيس داخل ٿيڻ باوجود جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، واقعي بعد شھر جي سياسي سماجي اڳواڻن غيبي مغيري، حبدار ميرجت، ڪرم مگسي، حيات تنيو، ذوالفقار سيلرو ۽ ٻيا نينگر جي وارثن وٽ پهتا، جن مذمت ڪندي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي گهر ڪئي. پوليس جو چوڻ آهي ته مک جوابدار بلاول بروھي عدالت مان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي ورتي آهي، جڏهن ته ٻئي جوابدار فراز لغاري کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.