ويلنگٽن (دلچسپ نيوز) گتي مان ٺاهيل انوکي ڪار 15 لک رپين ۾ وڪرو ٿي وئي، رقم خيراتي اداري حوالي ڪري ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب نيوزيلينڊ جي يوٽيوبر ڊيوڊ جونز وڏي محنت سان گتي کي ڪٽي مشهور ريسنگ ڪار ليمبرگني جو ماڊل تيارڪيو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گتي مان ٺاهيل اها انوکي ڪار 1.65 ميٽر ويڪري ۽ 3.78 ميٽر ڊگهي آهي ۽ ليمبرگني کان ٿوري وڏي آهي، يوٽيوبراها ڪارهڪ چيريٽي ايونٽ ۾ 15 لک رپين ۾ وڪرو ڪئي ۽ سموري رقم خيراتي اداري کي امداد ڪئي. ان حوالي سان ڊيوڊ جونز جو چوڻ آهي ته آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ ليمبرگني هلائڻ جو اتفاق ٿيو جنهن بعد ان جو ماڊل تيار ڪرڻ جو خيال آيو. هن ٻڌايو ته ڪار ٺاهڻ ۾ ٻن هفتن کان وڌيڪ وقت لڳو، نالو ڪار ڊبورگني رکيو، مونکي لڳو ته ان جا وڌ ۾ وڌ 10 هزار ملندا پر 15 لک رپيا ملڻ تي تمام گهڻو خوش آهيان. هن چيو ته ڪار جي وڪري مان مليل سموري رقم خيراتي اداري کي امدادي ڪمن لاءِ ڏئي ڇڏي آهي.