سائو پولو (دلچسپ نيوز) ماکي جون مکيون بوتل جو ڍڪڻ کولڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برازيل جي شهر سائو پولو ۾ ماکي جي مکين جي انوکي وڊيو وائرل ٿي وئي، وڊيو ۾ ماکي جي ٻن مکين کي بوتل جو ڍڪڻ کوليندي ڏسي سگهجي ٿو، ٻنهي مکين بوتل جي ٻن پاسن کان پاڻکي مضبوط پڪڙي ڪوشش ڪئي،ماکي جي مکين جي لاڳيتو جدوجهد بعد بوتل جو ڍڪڻ اوچتو کلي ويو جنهن بعد انهن مکين ان بوتل کي هيٺ ڪرندي پڻ ڏٺو ۽ پوءِ اڏامي ويون، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ان کي بيحد پسند ڪيو ويو جڏهن ته دلچسپ تبصرا پڻ ڪيا ويا. وڊيو ٺاهيندڙ شخص جو چوڻ آهي ته هن اها دلچسپ وڊيو ان وقت بڻائي جڏهن هو رات جي وقت ڊيوتي ڪري رهيو هو ۽ ڪولڊ ڊرنڪس گهرائي ميز تي رکي ته ٻن ماکي جي مکين ان تي قبضو ڪري ورتو.