ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه البيلي شاعر جمن دربدر  جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، ٻئي طرف ثقافت واري وزير سردار شاھه چيو آهي ته جمن دربدر نرالو ماڻهو هو، ٿر جي ٻاٻيهي وانگر پياسو ڪردار هو، “ٽائيم نيوز” سان ڳالهائيندي هن چيو ته جمن دربدر جو جڏهن کان سندس سائين جي ايم سيد سان جوڙ ٿيو تڏهن کان سائين جي ايم سيد جي پسنديده شاعري به جمن دربدر جو اهو شعر هو “وٺي وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو” هن چيو ته جمن جي سنڌ سان اٿاھ محبت هئي، هُن سڄي زندگي پئسا ڪمائڻ جي تمنا نه رکي، سدائين سنڌ سان محبت ڪندي گذاري، شادين مُرادين ۾ وڃي ماڻهن کي لطيفا ٻڌائي کلائيندو هو، سدائين کيس کِلندي ڏٺوسين، جمن دربدر پنهنجي شاعري پاڻ ڳائي ڌُنون به پاڻ ٺاهيندو هو، هن چيو ته جمن دربدر منهنجي ڳوٺ جو هو، ساڻس تعلق به هو، اسڪول دور ۾ مون جڏهن پهرين تقرير ڪئي هئي ته اها تقرير جمن دربدر ئي لِکي ڏني هئي، اهو مون لاءِ اعزاز آهي، جمن دربدر سان بي شمار يادون آهن، وسارڻ جوڳيون ناهن، جمن پنهنجي دور جو وڏو ماڻهو  هو.