ميهڙ(ن پ ا)  جماعت اسلامي جو سربراھ سراج الحق ميھڙ ۾ ام رباب چانڊيو وٽ پھچي ام رباب ۽ مقتولن جي وارثن پرويز چانڊيو سان سندس والد ، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل تي تعزيت ڪئي آھي سراج الحق ام رباب کان قتل واري واقعي ۽ ڪيس بابت تفصيل معلوم ڪيو ام رباب کيس ٻڌايو تہ اسان جي قتل ۾ پ پ پ جا چونڊيل نمائندہ ملوث آھن ڪيس ۾ رڳو تاريخون پيون ٿين اسان کي ھن وقت تائين انصاف نه ملي سگھيو آھي. ان موقعي تي سراج حق چيو تہ سنڌ ۾ روز اھڙا واقعا پيا ٿين، نالي ماتر جھموريت ۽ عدالتون آھن حڪومتون بدلجنديون رھن ٿيون نظام نہ پيو بدلجي. اسلام آباد پھچي اوھان جي مسئلي تي آواز اٿاريندس. ٻئي پاسي جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق ميھڙ ۾ ننڍي کنڊ جي شخصيت تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻ اڳوڻي ايم ايل اي سيد علي اڪبر شاه جي مزار تي حاضري ڀري فاتح خواني ڪئي، جنھن بعد ھن پير آف ميھڙ سيد محمد شاه جي چانھه پارٽي ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سيد علي اڪبر جونير ۽ جامع مسجد جي خطيب علامه احمد ذھين مگسي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.