پشاور (م ڊ) پشاور جي قومي تڪ اين اي 31 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ دوران بيلٽ پيپرز جون تصويرون وائرل ٿي ويون، صوبائي اليڪشن ڪميشن معاملي جو نوٽيس ورتو، صوبائي اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته بيلٽ پيپرز جون تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي، معاملي جي جاچ ڪرائڻ بعد ڪارروائي ڪئي ويندي.