ڪراچي: ڪورنگي ۽ ملير جي ٻنهي قومي تڪن تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت رهيا، 7 هزار کان وڌيڪ اهلڪارن ۽ آفيسرن سيڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏنا، حساس پونگ اسٽيشنن تي پوليس ۽ رينجرز جا ڪوئيڪ ريسپانس فورس جا دستا مقرر ٿيل هئا، هڪ هڪ پولنگ اسٽيشنن تي 8 کان 10 اهلڪار مقرر ڪيا ويا، فوج کي به اسٽينڊ باءِ رکيو ويو هو. ٻنهي تڪن تي ملير ۾ ٿيل جھيڙي کانسواءِ ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو. عام تي طور تي پولنگ جو عمل پرامن نموني پڄاڻي تي پهتو