راولپنڊي (م ڊ) متروڪه وقف املاڪ بورڊ عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد ۽ سندس ڀاءُ شيخ صديق کي لال حويلي خالي ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر طرفان شيخ رشيد ۽ سندس ڀاءُ شيخ صديق کي لال حويلي سميت متروڪه وقف املاڪ جي 7 ايراضي يونٽس مان بي دخلي جو نوٽيس جاري ڪيو ويو. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته قبضي هيٺ ايراني يونٽ 7 ڏينهن ۾ خالي ڪيو نه ته توهان کي پوليس ذريعي بي دخل ڪيو ويندو. متروڪه وقف املاڪ جي ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر آصف خان ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي کي پوليس جي مدد لاءِ خط به لکي ڇڏيو آهي. خط ۾ 7 ايراضي يونٽ خالي ڪرائڻ لاءِ 19 آڪٽوبر تي پوليس جي مدد گهري وئي آهي. ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر جو چوڻ آهي ته لال حويلي سميت متروڪه وقف املاڪ جي 7 ايراضي يونٽس ڪيس جون ڪيتريون ئي ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن، شيخ رشيد ۽ سندس ڀاءُ شيخ صديق ڪي ٺوس دستاويز پيش نه ڪري سگهيا.