جهڏو (ن پ ا) جهڏو ۾ جسڪاڻي سم نالي کي نجم علياڻي وٽان ٻيهر 50 فوٽ گهارو پئجي ويو، جنهن سبب اڳ ئي ٻڏل علائقن ڳوٺ پوپٽ ڪڇي، هرجي ڪڇي، نواز اوٺو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ وڌيڪ پاڻي اچي ويو، ٻئي طرف مقامي ماڻهن گهارو بند ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي پر آخري اطلاعن تائين اهو بند نه ٿي سگهيو هو، واضع رهي ته جسڪاڻي سم نالي جو ڇوڙ ايل بي او ڊي ۾ آهي، ڳوٺاڻن جو ڍوڻ آهي ته ايل بي او ڊي ۾ پاڻي جي سطح وڌيڪ هجڻ ڪري جسڪاڻي سم نالي جو پاڻي نيڪال نه پيو ٿئي، جنهن سبب گهارا پئجي رهيا آهن،