گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪيءَ ۾ ڪرڪيٽ مئچ دوران ڪئچ پڪڙيندي نوجوان پَٽ تي ڪِري فوت ٿي ويو. گهوٽڪي شهر جي بينظير ڪالونيءَ جو رهواسي انٽر جو شاگرد عبدالوهاب سومرو ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ مئچ دوران ڪئچ پڪڙڻ دوران پَٽ تي ڪِري بيهوش ٿي ويو. واقعي بعد نوجوان کي کڻائي سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو ويو، جتي ڊاڪٽرن نوجوان عبدالواهاب سومرو جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ضروري ڪارروائي بعد لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو.