اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جي يو آءِ وفاقي حڪومت کان پوءِ بلوچستان حڪومت ۾ به شامل ٿيڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو، بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو جي يو آءِ جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير مولانا عبدالواسع سان ملاقات ڪري جي يو آءِ کي باضابطه طور تي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ۽ جي يو آءِ بلوچستان جي امير مولانا عبدالواسع ۾ اهم ملاقات ٿي، ملاقات دوران بلوچستان جي وڏي وزير جي يو آءِ کي بلوچستان حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، ملاقات دوران جي يو آءِ پاران اصولي طور تي وفاقي حڪومت کان پوءِ بلوچستان حڪومت ۾ به شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، مشاورت مڪمل ٿيڻ کان پوءِ جلد جي يو آءِ بلوچستان حڪومت ۾ شامل ٿي ويندي.