ڊي آءِ خان (م ڊ) چانسلر گومل يونيورسٽي وي سي ڊاڪٽر افتخار احمد کي 90 ڏينهن جي جبري موڪل تي موڪلي ڇڏيو، صوبائي تعليم کاتي وي سي جي جبري موڪل جي پڌرائي به جاري ڪري ڇڏي،  جنهن ۾ چيو ويو آهي ته وائيس چانسلر گومل يونيورسٽي ڊاڪٽر افتخار  ضلعي زرعي يونيورسٽي سان اثاثا ورهائڻ ۾ ناڪام رهيو، واضح رهي ته علي امين گنڊاپور ۽ وي سي گومل يونيورسٽي ۾ تڪرار اثاثن جي ورچ ۾ هو، ان کان اڳ وي سي گومل يونيورسٽي ڌمڪيون ڏيڻ تي علي امين گنڊاپور خلاف ايف آءِ اي کي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي.