اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ صوبي ۾ ٻوڏ سبب ٿيل جاني توڙي مالي نقصان جا ضلعي وار تفصيل سامهون اچي ويا آهن، جنهن ۾ خيرپور ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ 92 ماڻهو فوت، 3 لک ايڪڙ کان وڌيڪ فصل متاثر، قمبر ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏيڍ لک گهر تباهه، دادو ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڍور 33 هزار کان وڌيڪ مري ويا. 18 سيپٽمبر تائين ٻوڏ سبب سنڌ اندر ٿيل جاني توڙي مالي نقصانن جي تفصيلن تي ٻڌل صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي سنڌ (پي ڊي ايم اي)جي جاري ڪيل رپورٽ ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته سنڌ صوبي اندر 678 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ تعداد ۾ ٻارڙا فوت ٿيا آهن، جن جو تعداد 290 جڏهن ته 126 عورتون ۽ 262 مرد سنڌ صوبي ۾ فوت ٿيڻ  جي تصديق ڪئي وئي آهي، رپورٽ مطابق ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان خيرپور ضلعي ۾ ٿيو آهي، خيرپور ضلعي ۾ ٻوڏ سبب 92، شڪارپور ضلعي ۾ 83، نوشهروفيروز ۾ 50، شهيد بينظير آباد ۾ 42، لاڙڪاڻي ۾ 41، ڄامشوري ۾ 38، دادو ۾ 37، قمبر شهدادڪوٽ ۾ 36، ڪشمور ۾ 31، ملير ۾ 25، بدين ۽ سکر ضلعي ۾ 24-24، سانگهڙ ۾ 22، جيڪب آباد ۾ 19، گهوٽڪي ۾ 17، ٽنڊو الهيار ۾ 12،ٺٽي ۾ 11، ميرپور خاص ۾ 9، ڪورنگي ڪراچي ۾ 8، ڏکڻ ڪراچي ۾ 12، ڪراچي ايسٽ، حيدرآباد ۽ مٽياري ضلعي  ۾ 6-6، جڏهن ته ڪراچي ويسٽ، ڪراچي سينٽرل، ٽنڊو محمد خان، عمرڪوٽ ۾ 5-5، ٿرپارڪر ۾ 4، سجاول ۾ 2 ۽ ڪياماڙي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿيلن ۾ شامل آهي،  رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ صوبي اندر مجموعي طور تي 17 لک 29  هزار 584 گهر جزوي توڙي مڪمل طور تي تباهه ٿيا، جن ۾ مڪمل طور تي تباهه ٿيل گهرن جو تعداد 6 لک 98 هزار 342، جزوي طور تي تباهه ٿيل گهرن جو تعداد 10 لک 10 هزار 661 آهي، رپورٽ مطابق ميرپور خاص ضلعي ۾ مڪمل طور تي 34 هزار 358 گهر، جزوي طور تي هڪ لک 50 هزار 818 گهر متاثر ٿيا آهن، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 82 هزار 510 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿيا آهن، جڏهن ته هڪ لک 44 هزار 470 جزوي  طور تي متاثر ٿيا آهن، خيرپور ضلعي ۾ 34 هزار 984 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿيا آهن جڏهن ته 85 هزار385 گهر جزوي طور تي متاثر ٿيا آهن، ڪشمور ضلعي ۾ 35 هزار 872 گهر مڪمل طور تي، 83 هزار 826 گهر جزوي طور تي متاثر ٿيا آهن، نوشهروفيروز ضلعي ۾ 18 هزار 487 گهر مڪمل، 82 هزار 410 گهر جزوي، شهيد بينظير آباد ضلعي ۾ 66 هزار 734 گهر مڪمل، 71 هزار 868 گهر جزوي طور تي متاثر ٿيا آهن، عمرڪوٽ ضلعي ۾ 61 هزار 725 گهر مڪمل ۽ 64 هزار 80 گهر جزوي طور تي متاثر ٿيا،سانگهڙ ضلعي ۾ مڪمل طور تي 20 هزار 897 ۽ جزوي طور تي 61 هزار 220، دادو ضلعي ۾ 34 هزار 287 گهر مڪمل طور تي، 60 هزار 940 گهر جزوي طور تي متاثر ٿيا آهن، قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ هڪ لک 79 هزار 126 گهر مڪمل ۽ 39 هزار 320 گهر جزوي طور تي تباهه ٿيا آهن، ڄامشوري ضلعي ۾ 14 هزار 787 گهر مڪمل ۽ 31 هزار 943 گهر جزوي طور تي متاثر ٿيا آهن، شڪارپور ضلعي ۾ 9 هزار 593 گهر مڪمل طور تي ۽ 25 هزار 794 گهر جزوي طور تي متاثر ٿيا آهن، بدين ضلعي ۾ 14 هزار 215 گهر مڪمل طور تي، 24 هزار 736 گهر جزوي طور تي، ٽنڊو الهيار ضلعي ۾ 2 هزار 877 گهر مڪمل طور ۽ 18 هزار 958 گهر جزوي طور تي متاثر ٿيا آهن، جيڪب آباد ضلعي ۾ 73 هزار 950 گهر مڪمل طور تي، 16 هزار 43 گهر جزوي طور تي متاثر ٿيا آهن، سجاول ضلعي ۾ 2604 گهر مڪمل طور ۽ 11 هزار 517 گهر جزوي طور تي متاثر ٿيل شامل آهن، گهوٽڪي ضلعي ۾ 4624 گهر مڪمل طور تي، 10 هزار 749 گهر جزوي طور تي متاثر ٿيل شامل آهن، ٺٽي ضلعي ۾ مڪمل طور تي 50 گهر ۽ جزوي طور تي 9  هزار 980 گهر متاثر ڄاڻايا ويا آهن، مٽياري ضلعي ۾ مڪل طور تي 3 هزار 479 گهر ۽ جزوي طور تي 8240 گهر تباهه ٿيل ڄاڻايا ويا آهن، ٿرپارڪر ضلعي ۾ 615 گهر مڪمل طور تي 4174 جزوي، حيدرآباد ضلعي ۾ 2440 گهر مڪمل طور تي 1765 گهر جزوي طور تي، ٽنڊو محمد خان ۾ 83  گهر مڪمل طور ۽ 1255 گهر جزوي طور تي متاثر ڄاڻايا ويا آهن، ائين ملير ضلعي ۾ 38 گهر مڪمل طور تي، 102 گهر جزوي طور تي متاثر ڄاڻايا ويا آهن، رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته دادو ضلعي ۾ 33 هزار 461 چوپايو مال مري چڪو آهي، جڏهن ته گهوٽڪي ضلعي 21931، خيرپور ضلعي ۾ 21899، ڪشمور ۾ 16253، قمبر ۾ 15273، نوشهروفيروز ۾ 15235، لاڙڪاڻي ۾ 14929، بدين ۾ 14893، سانگهڙ ۾ 14515، شهيدبينظير آباد ضلعي ۾ 13031، ڄامشوري ضلعي ۾ 9136، سکر ۾ 7223، ڪراچي ۾ 4737، عمرڪوٽ ۾ 4561، حيدرآباد ۾ 4121، مٽياري ۾ 3254، شڪارپور ۾ 3129، ميرپور خاص ۾ 2843، ٺٽي ضلعي ۾ 2618، سجاول م 2327، ٽنڊو الهيار ۾ 2034، ٿرپاڪر ۾ 1769، ٽنڊو محمد خان ۾ 1746 ۽ جيڪب آباد ضلعي ۾ ٻوڏ سبب 1675 چوپايو مال مري چڪو آهي، رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ڪل 35 لک 57 هزار 711 ايڪڙن تي پوکيل فصل تباهه ٿيا، خيرپور ضلعي ۾ 3 لک 56 هزار 582 ايڪڙ، گهوٽڪي ضلعي ۾ 3 لک 46 هزار 843 ايڪڙ، سانگهڙ ضلعي ۾ 3 لک 10 هزار 39 ايڪڙ، نوشهروفيروز ۾ 2 لک 51 هزار 875 ايڪڙ، شهيد بينظير آباد ضلعي ۾ 2 لک 48 هزار 773 ايڪڙ، بدين ضلعي ۾ 2 لک 9 هزار 373 ايڪڙ، ميرپور خاص ۾ هڪ لک 69 هزار 353 ايڪڙ، ڪشمور ضلعي ۾ هڪ لک 59 هزار 731 ايڪڙ، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ هڪ لک 57 هزار 323، شڪارپور ضلعي ۾ هڪ لک 53 هزار 623 ايڪڙ، قمبر ضلعي هڪ لک 46 هزار 880 ايڪڙ، ٽنڊو محمد خان ۾ هڪ لک 45 هزار 781 ايڪڙ، مٽياري ۾ هڪ لک 37 هزار 268 ايڪڙ، سکر ۾ هڪ لک 33 هزار 900 ايڪڙ، ٽنڊو الهيار ۾ هڪ لک 14 هزار 906 ايڪڙ، جيڪب آباد ضلعي ۾ هڪ لک 3 هزار 800 ايڪڙ، دادو ۾ 97 هزار 330 ايڪڙ، عمرڪوٽ ۾ 88 هزار 885 ايڪڙو، سجاول ۾ 86 هزار 670 ايڪڙ، حيدرآباد ضلعي ۾ 61 هزار 465 ايڪڙ، ٺٽي ضلعي ۾ 47 هزار 682 ايڪڙ، ڄامشوري ضلعي ۾ 25 هزار 527 ايڪڙ، ٿرپارڪر ضلعي ۾ 4 هزار 82 ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويو آهي.