پشاور(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته چونڊون ۽ آرمي چيف جي مقرري اسان جي مرضي سان ٿيندي. پشاور ۾ پارٽي اجلاس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته آرمي چيف عمران خان نه وزيراعظم کي مقرر ڪرڻو آهي عمران خان شوق سان سڏ ڏيندو رهي ان سان ڪجهه نه ٿيندو. هن چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ عمران خان جو خط ته مڃيو ويندو آهي پر چوڌري شجاعت جو نه ٿو مڃيو وڃي اهو افسوس جوڳو عمل آهي. پهريان پنهنجي ملڪ ۾ نوجوانن کي گمراهه ڪيو ويو هاڻ پرڏيهه ۾ رهندڙن کي گمراهه ڪيو پيو وڃي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته جيڪا عدالت جنرل، بيورو ڪريٽ ۽ اليڪشن ڪميشن هن جو ساٿ ڏئي ته اهي صحيح آهن باقي ٻيا سڀ غلط آهن. فوج هن جو ساٿ ڇڏي ته اها ڏوهاري چورائيندي. عدالت هن جي خلاف فيصلو ڏئي ته اها غلط، اليڪشن ڪميشن هن جي خلاف فيصلو ڏئي ته اهو به غلط. ٽي وي بند ٿي چڪو آهي هاڻ اهو ڊرامو وڌيڪ نه هلندو. هن چيو ته عمران خان وڏو ڊرامي باز آهي هن ور کڻي ٻوڏ جي پاڻي ۾ لهڻ جو ڊرامو ڪيو. هن پهريان آرمي چيف کي روانو ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون هاڻ ان کي ايڪسٽينشن ڏيڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. اهو فيصلو ته پارليامينٽ ڪندي. مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان جي حڪومت ختم ٿي ته گڏيل قومن به ڳالهايو ۽ اسرائيل به ٽي وي تي ڳڻتي جو اطهار ڪري ٿو. ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وڃي ٿي، نوازشريف کي ٻيهر هٽايو وڃي ٿو، بينطير ڀتو جي حڪومت ختم ٿي ته سڀ خاموش رهيا هن جو دنيا کان پئسا وٺڻ ثابت ٿي چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن جي حڪومت غلامن جي غلام هئي. اسرائيل، انڊيا ۽ آمريڪا کان به پئسا ورتا. جڏهن هي حڪومت ۾ هئا تڏهن هنن جيڪا نااهلي ڏيکاري ڇا اسان اهو سڀ وساري ويٺا آهيون. مولانا فضل الرحمان چيو ته اپوزيشن ۾ ويهي آئيڊيل ۽ وڏيون ڳالهيون ڪرڻ ڌار ڳالهه آهي. فتني جي حڪومت هاڻ ٻيهر نه ايندي. هن چيو ته عمران خان ڀلي لانگ مارچ ڪري اچي اسان حڪيم رانا ثناءُ الله به تيار آهي ان به ڏنڊا پسائي رکيا آهن.