بدين (رپورٽر ) بدين ميونسپل ڪاميٽي جي رٽائرڊ ٿيل ستن  ملازمن کي پينشن جي 80 لک رپين کان وڌيڪ رقم نه ملي سگهي آهي، جنهن خلاف ملازمن ميونسپل ڪاميٽي جي آفيس اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي. جاويد پٺاڻ، عبدالواحد سمون ،طاھره بي بي جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪندڙن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ميونسپل ڪاميٽي بدين مان رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ ملندڙ پينشن في ملازم جي 18 کان 19 لک رپيا ٺھي آهي  جيڪا اڃان تائين ملي نه سگهي آهي، جڏهن ته تازو بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيل عمران تنيو جي وارثن کي به رقم ملي نه سگهي آهي ۽ موجوده  ميونسپل ڪميٽي جو سي ايم او 50 ھزار رپيا ڏئي اسان مان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر جيستائين اسان کي  پنهنجي مڪمل رقم نه ٿي ڏني وڃي تيستائين علامتي بک هڙتا جاري رکنداسين.