اسلام آباد: اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گِل جي جسماني رمانڊ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آھي، اڄ 3 وڳي فيصلو ٻڌايو ويندو
ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي چيو ته شهباز گِل کان رڳو ڊيٽا حاصل ناهي ڪرڻي، ڪيس جي مختلف رُخن ۾ جاچ ڪرڻي آهي
پراسيڪيوٽر موجب رڳو ڊيٽا جي ڳالهه هجي ها ته جسماني رمانڊ جي حمايت نه ڪريون ها، شهباز گِل جي وڪيل طرفان رمانڊ جي مخالفت ڪئي وئي آھي
پي ٽي آءِ طرفان شهباز گِل تي مبينا تشدد جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو
ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ طرفان شهباز گِل تي مبينا تشدد جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي، فواد چوڌري چيو آهي ته شهباز گِل کي کنڀڻ بعد بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ان معاملي جي عدالتي جاچ ٿيڻ گهرجي
فواد چوڌري موجب شهباز گِل کي تشدد لاءِ پوليس حوالي نٿو ڪري سگهجي، ججز انصاف ۽ بُنيادي حقن جي تحفظ لاءِ هوندا آهن، اُميد ته عدالت شهباز گِل کي پوليس حوالي نه ڪندي
ھي به پڙھندا