منهنجي ۽ جنرل فيض جي ملاقاتن بابت ڄاڻ لاءِ شهباز گل تي تشدد پيا ڪن، آرمي چيف سان هاڻ رابطو ناهي: عمران

0
195
منهنجي ۽ جنرل فيض جي

ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته شهباز گِل کان تشدد ڪري پڇيو پيو وڃي ته عمران ۽ جنرل فيض ۾ ڪيتريون ملاقاتون ٿيون

آرمي چيف سان هاڻ رابطو ناهي، اسٽيبلشمينٽ سان ڪڏهن به منهنجا رابطا خراب نه رهيا، آرمي چيف کي ٻڌايو هو عثمان بوزدار کي هٽايو ته پنجاب ۾ پارٽي اندر ڌڙابندي ٿيندي، شهباز گل جي هڪ لائين فوج کي ڀڙڪائڻ جي زمري ۾ اچي ٿي. نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته جمهوري ماڻهو عوام وٽ ويندا آهن، اهي عالمي طاقتن کي فون ناهن ڪندا ته اسان کي اچي بچايو، جيئن آصف زرداري پنهنجي سفارتڪار ذريعي آمريڪي آرمي چيف کي درخواست ڪئي ته مون کي پاڪستان جي فوج کان بچايو يا جيئن نوازشريف لڪي لڪي مودي سان گڏجاڻيون ڪري رهيو هو

ڊان ليڪس سڀني سامهون آهي، هنن سان مسئلا ٿيندا آهن ته هي عوام نه ٻاهرين قوتن تي ڀاڙيندا آهن، آئون واحد پاڪستاني آهيان، جيڪو سمجهان ٿو ته ملڪ جو عوام ئي اسان جي طاقت آهي، عوام ذريعي سياست ۾ آيس  ۽ عوام وٽ وڃان پيو. پرڏيهي فنڊنگ ۽ توشا خانه بيوقوفاڻه ڪيس آهن، توشا خانه ۾ به مون چيو ته اڳوڻن وزيراعظمن سان منهنجي ڀيٽ ڪئي وڃي پر بدقسمتي سان اهڙو چيف اليڪشن ڪمشنر اچي ويو، جيڪو بزدل ۽ ڪرپٽ آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ  شهبازشريف پنهنجا ۽ اسان پنهنجا نالا ڏنا، نه اسان انهن جا نالا تسليم ڪيا ۽ نه وري هنن اسان جا، پوءِ وچ ۾ نيوٽرلز  آيا ۽ چيو ته سلطان سڪندر راجا کي رکو، اسان ضمانت ڏيون ٿا ته ٺيڪ ڪم ڪندا، صحافي سوال ڪيو ته نيوٽرلز پنڊي وارا يا اسلام آباد وارا؟ جنهن تي عمران خان چيو ته اسٽيبلشمينٽ، جن کي اسان اڄڪلهه نيوٽرلز ڏسندا آهيون، افسوس اهو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جڏهن کان آيو کُلي عام اسان جي پارٽي جي مخالفت ڪئي، اسان حڪومت ۾ هئاسين تڏهن به اسان خلاف رهيو، چيف اليڪشن ڪمشنر 8 فيصلا تحريڪ انصاف خلاف ڪيا، هاءِ ڪورٽ سمورا فيصلا ڪالعدم قرار ڏنا، چيف اليڪشن ڪمشنر کان ڪي ٻيا فيصلا ڪرائي رهيا آهن

ھي به پڙھندا

پي ٽي آءِ قيادت شهباز گِل سان جيل ۾ ملاقات ڪندي

عمران خان چيو ته اسان جي  دور ۾ 3 ڀيرا ڌرڻا لڳا پر اسان ڪنهن کي نه روڪيو، 25 مئي تي اسان لانگ مارچ جو فيصلو ڪيو ته ڪارڪنن تي بدترين تشدد ڪيو ويو، ولاريل ڪشمير واري صورتحال نظر آئي، هنن خوف پکيڙيو، جيڪڏهن آئون ڌرڻو هڻان ها ته ملڪ ۾ رتوڇاڻ ٿئي ها، ڇاڪاڻ ماڻهو فورسز جي ظلم سبب ٻئي ڏينهن وڙهڻ لاءِ تيار هئا.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ان کانپوءِ 17 جولاءِ تي سموري ڌانڌلي ۽ رياستي مشينري استعمال ٿيڻ کانپوءِ به جڏهن اسان پنجاب جي ضمني اليڪشن کٽي ته هي سڀ گهٻرائجي ويا، اليڪشن ڪميشن سڄي حڪمرانن سان مليل هئي، هاڻ هنن طريقو اختيار ڪيو آهي ته توشا خانه ۽ فنڊنگ ڪيس ذريعي مون کي پاسي تي ڪيو وڃي، غلط ڪم ۾ به عقل گهربل هوندو آهي

هي هن ٻن ڪيسن ۾ به وڌيڪ پنهنجي ساک خراب ڪندا، هي شهباز گِل جو واقعو انتهائي شرمناڪ آهي، شهباز گِل کي جيل ۾ اگهاڙو ڪري تشدد ڪيو ويو آهي، ڪهڙي قسم جا حيوان آهن، هن چيو ته شهباز گِل اهڙو ڇا چيو آهي، فضل الرحمان، نوازشريف، مريم نواز ۽ اياز صادق جا فوج بابت بيان ڏسو ته انهن ڇا چيو آهي، انهن خلاف ڪجهه نه ٿو ڪيو وڃي، ها شهباز گِل هڪ لائين غلط ڪئي، بلڪل ايئن لڳي رهيو هو ته هو جيئن فوج کي ڀڙڪائي رهيو هو، بلڪل ايئن نه ٿيڻ گهرجي ها اسان فوج کي مضبوط ادارو ڏسڻ چاهيون ٿا پر هن تي جيڪو هنن ظلم ڪيو آهي، اهو مذمت جوڳو آهي، هن کي چئي رهيا آهن ته تون بيان ڏئي ته عمران خان توکان اهو بيان ڏياريو آهي، جيڪڏهن مون کي اهڙو بيان ڏيڻو هو ته پاڻ ڏيان ها، شهباز گِل جي مون کي ضرورت ناهي. عمران خان چيو ته شهباز گِل کان پڇيو ويو ته جنرل فيض ڪيترا ڀيرا عمران خان سان ملڻ آيو، اهو به پڇيو ويو ته عمران خان ڪهڙو کاڌو کائيندو آهي

آئون اوهان کي ٻڌايان ته جڏهن کان امپورٽڊ حڪومت آئي آهي، شهبازشريف تي 16 ارب رپين جي چوري جي ڪيس ۾ 4 شاهد ٻن مهينن ۾ مئا آهن، هڪ جاچ آفيسر ڊاڪٽر رضوان فوت ٿي ويو، پنج ماڻهو دل  جي دوري ۾ فوت ٿي ويا، کاڌي ۾ ڪا شيءِ وجهندا آهن، جنهن سان دل جو دورو پوندو آهي، هنن منهنجي خلاف به هڪ پلان ٺاهيو هو، مون ان تي هڪ وڊيو به رڪارڊ ڪري محفوظ هنڌ تي رکي آهي، جڏهن به مون کي ڪجهه ٿيو ته اها وڊيو سامهون اچي ويندي.هن چيو ته بند ڪمرن ۾ ٽن چئن ماڻهن مون کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو، هاڻ جيڪڏهن انهن جا نالا کنيا ته اهي چوندا اسان ته ناهيون، پوائنٽ اها آهي ته هي کاڌو ڇو پڇي رهيا هئا ته عمران ڇا کائيندو آهي، مون کي هاڻ به خطرو آهي

تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته آئين پرامن احتجاج  جو حق ڏئي ٿو، چورن کي اسان تي مڙهيو ويو، ٻاهرين قوتن هنن جي مدد ڪئي، آمريڪي سفير وٽ اسان جا لوٽا ويندا هئا، موجوده حڪمرانن منهنجي دور ۾ مهانگائي تي لانگ مارچ ڪيو هو، اڄ جيڪا مهانگائي آهي پاڪستان جي تاريخ ۾ ايتري مهانگائي ناهي ٿي، پگهاردار طبقو ڪيئن گذارو ڪري رهيو آهي، مطلب مهانگائي هنن جو مسئلو نه هو، هي ڪيس ختم ڪرائڻ لاءِ آيا.اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته منهنجي خلاف سازش ته ٿي، ان تي شڪ نه هجڻ گهرجي، ايراني وزيراعظم محمد مصدق کي 1950ع ۾ به ساڳئي ريت هٽايو ويو، پهرين اخبارن ۾ ان خلاف پئسا هلايا ويا، اوهان کي خبر هوندي منهنجي خلاف به ميڊيا مهم هلي ته مهانگائي اچي وئي آهي، هاڻ ڇو نٿي ميڊيا مهانگائي خلاف ڳالهائي، وري اپوزيشن روڊن تي نڪري آئي، پوءِ اسان جي ماڻهن کي خريد ڪيو ويو، آخر ۾ مداخلت ڪري ڪيرايو ويو، پرڏيهي قوتون جيستائين مير صادق ۽ مير جعفر نه ملڻ تائين سازش ناهن ڪندا، ڊونلڊ لو جو سائفر اسان ڪابينا سامهون رکيو، نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ ڏيکاريو، چيف جسٽس کي موڪليو.عمران خان چيو ته ايندڙ سازش منهنجي ڪردار ڪشي ڪرڻ آهي، ميڊيا هائوس ڪردار ڪشي تي شروع ٿي ويو آهي، شهباز گِل واقعو به ڊيڄارڻ لاءِ ڪيو ويو آهي

شهيد جنرل سرفراز پاڪستان جو بهادر آفيسر هو، جيڪو چينل منهنجو موقف رکي ٿو، هي ان خلاف ٿي وڃن ٿا، اي آر واءِ کي بند ڪرايو ويو. قوم مون کي 50 سال اڳ کان سڃاڻي ٿي، آئون ڪنهن جي ڪلهي تي بندوق ناهيان هلائيندو، هن چيو ته هي فوج ۽ تحريڪ انصاف کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، ملڪ ۾ جيڪڏهن تنقيد ڪڍي ڇڏجي ته ڪجهه به ناهي رهندو، بادشاهي پوئتي ان ڪري رهجي وئي جو ان ۾ ميرٽ ناهي هوندي، ان ۾تنقيد ناهي ٻڌي ويندي،احتساب ناهي هوندو، منهنجي دور ۾ ميڊيا سميت ادارن سخت تنقيد ڪئي پر مون ڪنهن کي نه روڪيو پر اهو ڏسڻ گهرجي ته ڪڏهن اسٽيبلشمينٽ تي بهتري لاءِ تنقيد ڪرڻ گهرجي ۽ ڪڏهن نه ڪرڻ گهرجي، جيئن اداري کي نقصان نه پهچي.عمران خان چيو ته اسانجي ملڪ جون بهترين ايجنسيون آهن، انهن وٽ هنن چورن خلاف بهترين انفارميشن آهي، انهن کي خبر هئي ته حڪومت خلاف سازش ٿي رهي آهي، آمريڪي خط جي سڀني کي خبر هئي، پوءِ به ڪيئن چورن کي مڙهيو ويو؟ جيڪڏهن ان تي ڪو تنقيد ڪري ٿو ته اهو ته محب وطن آهي

صدر عارف علوي جي ٽياڪڙي واري بيان تي عمران خان چيو ته جيستائين ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه ايندو، تيستائين معاشي استحڪام نٿو اچي سگهي، ملڪ اڳتي تڏهن وڌندو آهي، جڏهن دولت ۾ اضافو ٿيندو آهي، دولت ۾ اضافو تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن پيداوار وڌندي آهي پر جيڪڏهن سياسي عدم استحڪام هوندو ته سيڙپڪار ئي نه ايندا ته ترقي ڪيئن ٿيندي، هن وقت ته وزيراعظم کي پاڻ ئي خبر ناهي ته گهڻو وقت رهندو، موجوده حڪومت کي نه عوام مڃي ٿو ۽ نه وري دنيا مڃي رهي آهي، آرمي چيف يو اي اي، سعودي ۽ آمريڪا کي فون ڪري رهيو آهي ته پيسا ڏيو. اسان سعودي، چين ۽ يو اي اي وياسين ته انهن پيسا ڏنا، انکانپوءِ ملڪ سنڀاليو، هڪ سوال تي عمران خان چيو ته منهنجا ڪڏهن به اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپا خراب نه ٿيا، اسانجا طاقت اها هئي ته هڪ پيج تي هئاسين، اسان هڪ پيج تي ان ڪري هئاسين ته منهنجا ڪي ذاتي نه پر قومي مفاد هئا، نوازسريف ۽ زرداري جا فوج ۽ آءِ ايس آءِ سان لاڳاپا ان ڪري ماضي ۾ خراب ٿيندا هئا ته هنن جي چوري جي انهن وٽ انفارميشن هوندي هئي، آئون جڏهن وزيراعظم هيس ته آءِ ايس آءِ مونکي ڄاڻ ڏيندي هئي ته هتي چوري ٿي رهي آهي، فلاڻي وزير ته ڌيان رکو، ڇاڪاڻ ان جو ڪم ئي ڄاڻ گڏ ڪرڻ آهيشهباز گِل جي جسماني

اڳوڻا حڪمران فوج تي ڪنٽرول ڪرڻ چاهيندا هئا، منهنجو ته اهڙو ڪوبه معاملو نه هو.عمران خان چيو ته منهنجا صرف 2 مسئلا هئا، آئون چاهيو پئي ته جنرل فيض سياري تائين رهي ۽ ٻيو مسئلو عثمان بوزدار جو هو، هو چوندا هئا ته عثمان بوزدار کي هٽايو، مون چيو ته جيڪڏهن عثمان بوزدار کي هٽايو ته نئين وزيراعليٰ جي نالي تي پارٽي ۾ گروپندي پيدا ٿي وڃي ها، آئون جنرل باجوا کي شروع کان چوندو هيس ته عثمان بوزدار کي هٽايو ته مسئلو پيدا ٿي ويندو، هن چيو ته اسان کي خبر هئي ته آمريڪا فوجي جي افغانستان مان واپسي بعد افغانستان ۾ مسئلا پيدا ٿيندا ته انڪري سيڪيورٽي چيف جنرل فيض کي تبديل نه ٿيڻ گهرجي، هنن جو خيال هو ته فوج ۾ جنرل فيض کي آرمي چيف طور ترقي ملڻ  جي حوالي سان شايد وقت ڏنو پيو وڃي، هو ان مسئلي کي کنيو ويٺا هئا

آرمي چيف سان هن وقت رابطو هجڻ بابت سوال تي عمران خان چيو ته هاڻ ته آرمي چيف سان رابطو ناهي ٿيندو، ضرورت به ناهي، ان وقت ته وزيراعظم هيس ته ساڻس ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي، مونکي هڪ شئي سمجهه ۾ نٿي اچي ته اپوزيشن ليڊر جو آرمي چيف سان ملڻ جو ڪهڙو ڪم آهي.صحافي سوال ڪيو ته موجوده آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ ٿيڻ گهرجي يا نئون آرمي چيف اچڻ گهرجي، جنهن تي عمران خان چيو ته اهو منهنجو مسئلو ناهي، اهو فيصلو موجوده حڪومت کي ڪرڻو آهي،  اسانجو هن وقت اهو مسئلو آهي.هن چيو ته موجوده اليڪشن ڪميشن جي ماتحت ڪنهن کي به اليڪشن نه وڙهڻ گهرجي، سنڌ ۾ جيڪا مڪاني چونڊ ٿي، ان ۾ پيپلزپارٽي 15 سيڪڙو ماڻهن کي اليڪشن ئي وڙهڻ نه ڏني، اميدوار تي ڪييس ڪرايا، ڌمڪايو، سنڌ پوليس غلام بڻيل آهي، سنڌ جا ماڻهو غلامي ڪري رهيا آهن، سنڌ جو اليڪشن ڪمشنر سنڌ حڪومت جو ملازم آهي، اهو ڪيئن جانبدار ٿي سگهي ٿو، لانگ مارچ به ڪري سگهون ٿا.هڪ سوال تي عمرن خان چيو ته ايندڙ عام اليڪشن ۾ جيڪڏهن اسان کٽي وياسين ته پنجاب ۾ فوري طور مڪاني چونڊون ڪرائيندس ۽ پارٽي اندر به اليڪشن ڪرائيندس

ھي به پڙھندا

تيل اگهن بابت آصف زرداري جي راءِ جو احترام آهي، ساڻس رابطو ڪري وضاحت ڪندس: مفتاح اسماعيل