ڪراچي: حليم عادل شيخ ضمانت رد ٿيڻ بعد گرفتار

0
328
ڪراچي: حليم عادل شيخ ضمانت رد ٿيڻ بعد گرفتار
ڪراچي: حليم عادل شيخ ضمانت رد ٿيڻ بعد گرفتار

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ضمانت رد  ٿيڻ بعد گرفتار ٿي ويو، اينٽي انڪروچمنٽ فورس حليم عادل شيخ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آھي

عدالت حليم عادل شيخ جي ضمانت بابت درخواست رد ڪري ڇڏي، ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ بعد حليم عادل شيخ کي گرفتار ڪيو ويو، ان کان اڳ بھ حليم عادل شيخ کي ڄامشورو مان زمينن تي قبضن جي الزامن ھيٺ گرفتار ڪيو ويو ھو

مون تي 26ڪيس داخل ڪيا ويا آهن: حليم عادل شيخ

اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جو چوڻ ھو تھ مون مٿان تي 26 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، 4ڀيرا بيان ڏيڻ لاءِ ٿاڻي تي ويس پر بيان نه ورتو ويو، چيو ويو ته مٿان کان پڇي بيان وٺنداسين

اڄ ڪورٽ ان بنياد تي ضمانت  رد ڪئي ته مون جاچ ۾ سهڪار  نه ڪيو آھي، مون کي انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو پيو وڃي

ھي به پڙھندا

حليم عادل شيخ جي گرفتاري: سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبرز جو احتجاج

مراد علي شاهه ۽ سردار شاهه سنڌي ادبي بورڊ جي ڪم ۾ رنڊڪون وجهن ٿا: مخدوم سعيد الزمان