قادرپور (ن پ ا) قادرپور ۾ هٿياربندن جي پيٽرول پمپ تي فائرنگ، عملي کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوشش. گذريل  ڪيترن ڏينهن کان قادرپور جي آزاد اميدوار آشيش ڪمار ۽ سندس والد سيٺ ڪرشن کي مختلف موبائيل نمبرن تان ڪال ڪري قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون. پوليس کي اطلاع باوجود گذريل رات نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن يوسي قادرپور جي چيئرمين لاءِ آزاد اميدوار اشيش ڪمار جي پيٽرول پمپ تي پهچي سڌي فائنگ ڪري ڏني.شهرين جي گڏ ٿيڻ تي هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. پمپ مالڪ اشيش ڪمار جو چوڻ هو ته يوسي قادرپور تي آزاد پينل جو اميدوار آھيان، ڪجهه ڏينهن اڳ هٿ کڻڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو ۽ فون تي ڏمڪيون ڏنيون ويون هيون. شھري اتحاد اڳواڻن خميس ڏينهن (اڄ) قادرپور ۾ هڙتال جو سڏ ڏنو آھي.