خاطري ڪرايان ٿو ته عالمي منڊي ۾ تيل سستو ٿيو ته پاڪستان ۾ جيڪو ٿي سگهيو، اُهو ڪنداسين: مفتاح اسماعيل

0
314
خاطري ڪرايان ٿو ته عالمي

اسلام آباد: ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته خاطري ڪرايان ٿو ته عالمي منڊي ۾ تيل سستو ٿيو ته پاڪستان ۾ جيڪو ٿي سگهيو، اُهو ڪنداسين

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي لاءِ ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، چين مان سومر تائين پئسا اچي ويندا، مون پهرئين ڏينهن کان چيو هو ته  پئٽرول جا اگهه وڌائڻا پوندا

ھن چيو تھ اسان بجيٽ ۾ ڪو بھ ٽيڪس ناھي وڌايو، اسان غريب ماڻھن تي ٽيڪس جو بار ناھي وڌو، شگر ملز تي ٽيڪس وڌايو آھي، اميرن مٿان ٽيڪس وڌائي رھيا آھيون

ناڻي واري وفاقي وزير جو چوڻ ھو تھ عمران خان حڪومت پاڪستان جو ڏيوالو ڪڍڻ واري موڙ تي ڇڏي وئي، اسان کي 200 ارب رپين جو خسارو مليو، اسان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت وڌائي پاڪستان کي ڊيوالپڻي مان بچايو آھي

ھن چيو تھ عمران خان ٻڌائي تھ پاڪستان کي سري لنڪا ڇو بڻائڻ وڃي رھيو ھو، اسان سڄي رات ويھي ڪري آءِ ايم ايف سان ڳالھيون ڪندا آھيون ان جي ڪري پاڪستان جو ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو آھي

ھي به پڙھندا

آءِ ايم ايف پاڪستان جي قدمن کان خوش؟، مفتاح وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي