لاهور (م ڊ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزيرعثمان بوزدار جي ڀائرن جي گرفتاري لاءِ اينٽي ڪرپشن جي خصوصي ٽيم ڇاپا هڻن شروع ڪري ڇڏيا آهن، عثمان بوزدار عهدو ڇڏڻ بعد مسلسل مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويو، سندس خلاف سرڪاري زمين ڦٻائڻ جو ڪيس هلي رهيو آهي، انهي سلسلي ۾ اينٽي ڪرپشن جي خصوصي ٽيم عثمان بوزدار جي ڀائرن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهي آهي، ذريعن موجب اينٽي ڪرپشن پنجاب عثمان بوزدار جي ڊيره غازي خان ۽ تونسه ۾ رهائشگاهن تي وڏي نفري ڇاپا هنيا، جڏهن ته جوابدار گهر ۾ موجود نه هجڻ ڪري گرفتاري نه ٿي سگهيا، ذريعن موجب 900 ايڪڙ ايراضي ڪيس ۾ عثمان بوزدار جي ڀائرن ۽ ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن،