لاهور (م ڊ) نواز ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان کي خبر آهي ته ان جو سياسي مستقبل ختم ٿي  ويو آهي، هو روئي نه ته ٻيو ڇا ڪري؟ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي تقرير تي ردعمل ڏيندي مريم نواز چيو ته عمران خان نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي وڊيو سان نيب کي بليڪ ميل ڪيو ۽ ان کي سياسي مخالفن خلاف استعمال ڪيو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته نيب جو پٽڻو پٽيندڙ فتني خان دوکي سان طيبا کي هفتن جا هفتا وزيراعظم هائوس ۾ قيد ۾ رکيو، ان کان نيب چيئرمين جون وڊيوز ورتيون ۽ پوءِ انهن وڊيوز ذريعي نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪيو ۽ من پسند فيصلا ورتا، عمران خان نيب کي پنهنجي سياسي مخالفن خلاف استعمال ڪيو، جنهن تي سخت ايڪشن وٺڻ گهرجي. هن چيو ته ميڊيا تي فتني خان جو پٽڪو ٺهي ٿو، ان کي نه رڳو پنهنجي مخالفن خلاف انتقامي ڪارروائي تي ڪوڙن ڪيسن جا پول پڌرا ٿيڻ تي ناڪامي نصيب ٿي پر ان جو چور ۽ ڦورو وارو سياسي بيانيو به ڦاٽي پيو. مريم نواز چيو ته سرٽيفائڊ ڪوڙي کي خبر آهي ته ان جي جماعت ٽٽي رهي آهي ۽ سياسي مستقبل ختم آهي، هو روئي نه ته ٻيو ڇا ڪري؟.