اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس  ۾ پنجاب سان تعلق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جي ميمبر رياض الحق جج تڪراري ۽ ٽن صوبن  پاران رد ڪيل ڪالاباغ ڊيم جي تعمير  جي ضرورت تي زور ڀريندي ملڪ اندر قائم بيراجن جو ڪنٽرول واپڊا حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو ، تفصيل موجب قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ تقرير ڪندي فاٽا مان چونڊيل محسن داوڙ چيو آهي ته اسان جي 4 ساٿين کي دهشتگردن ٽارگيٽ ڪلنگ ڪري قتل ڪيو، اهي سڀ تعليم يافته نوجوان هئا، بلوچستان سان تعلق رکندڙ بي اين جي شهناز بلوچ  چيو ته بجيٽ ۾ سڀني مامرن کي ڇڏي مهانگائي جي خاتمي وارا قدم کنيا وڃن،  20 سالن کان مسنگ پرسن جو مسئلو حل نه ٿو ٿئي، اسان کي فارغ ٿي وڃڻ گهرجي، نواز ليگ جي پاڻي ڪاميٽي جي ميمبر رياض الحق جج چيو ته ريلوي هر سال  50 ارب، پي آءِ اي 100 ارب، توانائي شعبو 700 کان هڪ هزار ارب تائين خسارو ڪري رهيو آهي، اسان هر ٽن سالن بعد آءِ ايم ايف وٽ ڇو ٿا وڃون، قوم کي نه ٿو ٻڌايو وڃي ته خسارو گهڻو آهي ان کي گهٽ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا آهيون، هن چيو ته 2 ڪروڙ ايڪڙ کان وڌيڪ ملڪ اندر زمين پاڻي جي کوٽ سبب غير آباد آهي، اها آباد ٿئي ته 10 کان 12 ارب ڊالرن جي آمدني ٿي سگهي ٿي، پاڻي ٺاهه تي عمل نه ٿيڻ سبب صوبن ۾ اختلاف ٿين ٿا، ڪالاباغ ڊيم ۽ ٻين ڊيمن جي تعمير تي اتفاق نه پيا ڪري سگهون، وڏا وڏا فيصلا ڪيا وڃن، هن چيو ته تمام بيراجن جو ڪنٽرول واپڊا کي ڏنو وڃي، سنڌ کي سنڌ جي انڊينٽ تحت پاڻي ملڻ گهرجي، ٽيليميٽري سسٽم اڃا نه لڳو آهي، بلوچستان کي 3 ملين ايڪڙ فوٽ به پاڻي ڏيڻ لاءِ تيار ناهيون، ڪڇي ڪينال رڳو 80 ارب جو منصوبو آهي، ان لاءِ مناسب فنڊ رکيا وڃن، پيپلزپارٽي جي ٺٽي مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر شمس النساءَ چيو ته پاڻي کوٽ خلاف ٺٽي ضلعي ۾ آبادگار احتجاج ڪري رهيا آهن، ٺٽي ۾ آبادگار بري طرح متاثر ٿيا آهن، ٺٽي جون زمينون سمنڊ جي پاڻي هيٺ اچي رهيون آهن، هن وقت تائين ٺٽي ۽ بدين ضلعي جي 25 لک ايڪڙ زمين سمنڊ جي پاڻي  هيٺ اچي وئي آهي، اگر تدارڪ نه ڪيو ويو ته 2050 تائين سمنڊ جو پاڻي ٺٽي تائين اچي ويندو، انڊس ڊيلٽا سامونڊي پاڻي ۾ اچي ختم ٿي ويندو. وفاقي وزير جاويد لطيف چيو ته ڊالر جي قدر وڌڻ سان پيٽرول، بجلي ۽ گيس جون قيمتون وڌي رهيون آهن، آءِ ايم ايف سان گذريل 4 سالن ۾ ٿيل معاهدا عوام سامهون آندا وڃن، جويريه ظفر چيو ته سرڪاري ملازمن جون پگهارون مهانگائي جي حساب سان وڌايون وڃن، هارين جا قرض معاف ڪرڻ لاءِ بجيٽ ۾ ڪو قدم تجويز نه ڪيو ويو آهي، نزهت پٺاڻ چيو ته بجيٽ جو وڏو حصو ته قرضن  جي ادائگي ۾ هليو ويندو، ملڪ کي بيورو ڪريسي اڏوهي کان به وڌيڪ کائي ڇڏيو آهي، نجي ملازمن جي پگهار به گهٽ ۾ گهٽ سرڪاري ملازمن جي برابر هجڻ گهرجي.