ڪراچي(رپورٽ: اياز بروهي ) اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري عمر حميد خان واضح ڪيو آهي ته سنڌ جي 14 ضلعن ۾  مڪاني ادارن جون چونڊون 26 جون تي ئي ٿينديون، جنهن لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مڪاني چونڊن جي 24 جولاءِ تي رٿيل ٻئي مرحلي لاءِ پڻ انتظام ڪيا پيا وڃن، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته  اسان جي چيف سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين اختيارين سان مڪاني چونڊن جي حوالي سان اھم گڏجاڻي  ڪئي، جنهن ۾ طئه ڪيو ويو آهي ته حساس پولنگ اسٽيشنن تي پوليس جي اضافي نفري مقرر ڪئي ويندي، جڏهن ته مڪاني چونڊن دوران رينجرز جي مقرري لاءِ سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن پاران پڻ لاڳاپيل اختيارن کي لکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،  هن چيو ته ڪنهن به صورت گن ڪلچر ( هٿيارن جي نمائش ) ۽ تشدد جا واقعا برداشت نه ڪيا ويندا، ووٽرن کي تحفظ وارو ماحول فراهم ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته جيئن عوام ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ پولنگ اسٽيشنن تي پهچي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊون سپريم ڪورٽ جي حڪمن تحت ڪرائي پئي،  اهي چونڊون شيڊول موجب ئي ٿينديون، باقي سنڌ هاءِ ڪورٽ سميت ٻين عدالتن ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي حوالي سان جيڪي ڪيس آهن، انهن کي اليڪشن ڪميشن جي وڪيلن جي ٽيم بهتر نموني سان وڙهي پئي، اسان صرف سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد ڪريون پيا، اڳ ۾ ئي سڀني پارٽين گڏجي مڪاني چونڊن ۾ دير ڪئي، جنهن سبب سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته فوري طور مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن . هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ عمر حميد خان  چيو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊون  صوبائي سرڪار جي مشاورت سان ٻن مرحلن ۾ ڪرايو پيون وڃن، هن چيو ته  پوليس چونڊن دوران  بدامني ۾ ملوث ماڻهن کي ڇڏيو ته انهن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته  اليڪشن ڪميشن تي بي بنياد الزام لڳائيندڙ جهموريت کي نقصان رسائي رهيا آهن، عمران خان پارٽي جو سربراهه آهي کيس غير ذميواري وارا بيان نه ڏيڻ گهرجن،  هن اهڙو ڪو بيان ڏنو، جنهن تي ايڪشن لازم هوندو ته اليڪشن ڪميشن پاران ايڪشن کنيو ويندو

ڪراچي( رپورٽ: دودو چانڊيو ، شاهد ميراڻي ۽ حبيب جمالي) وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ پوليس کاتي کي ھدايت  ڪئي آھي ته 26 جون 2022ع تي  صوبي جي 14 ضلعن ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن دوران امن امان کي برقرار رکندي تحمل جو مظاھرو ڪيو وڃي. ھن گھرو کاتي کي مڪاني چونڊن دوران ھٿيارن جي نمائش خلاف قلم 144 لاڳو ڪرڻ جي ھدايت ڪئي، هن پوليس اختيارين  کي چيو ته  مڪاني چونڊن ۾ ھنگامي صورتحال کي منهن ڏين لاءِ  ڪوئيڪ ري-ايڪشن فورس (ڪيو آر ايف) مقرر ڪئي وڃي. ڪالهه  وزيراعليٰ ھائوس ۾ امن امان واري صورتحال ۽ مڪاني چونڊن جي انتظامن بابت جائزو وٺڻ لاءِ رٿيل اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڊويزنل انتظاميا ۽ پوليس اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ سياسي تنظيمن ۽ گروپن سان گڏجاڻيون ڪري  اليڪشني ضابطن بابت اعتماد ۾ وٺن. جيڪڏھن اميدوار تحمل جو مظاھرو ڪندا ۽ صورتحال کي سمجھندا تھ انتھائي حساس پولنگ اسٽيشنز جو انگ گھٽ ٿي ويندو،  اجلاس کي ٻڌايو ويو ته  پهرين مرحلي وارن 14 ضلعن ۾ 8724 پولنگ اسٽيشنون آھن، جن مان 1985 کي انتھائي حساس، 3448 کي حساس ۽ 3291 کي نارمل قرار ڏنو ويو آھي. آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ ٻڌايو ته پولنگ اسٽيشنز جي حساسيت کي ڏسندي 26545 پوليس اھلڪار مقرر ڪيا ويندا. 1985 انتھائي حساس پولنگن تي 9925 پوليس اھلڪار، 3448 حساس پولنگن تي 10344 ۽ 3291 نارمل پولنگ اسٽيشنن تي 6276 اھلڪار ڊيوٽي سرانجام ڏيندا. وڏي وزير جي ھدايت تي ڪوئيڪ ريسپانس  فورس (ڪيو آر ايف) جي 10644 اھلڪارن کي پڻ مقرر ڪيو ويندو، جنهن بعد پوليس اھلڪارن جو انگ 37189 ٿي ويندو. آءِ جي وڌيڪ چيو تھ اليڪشن ڊيوٽي لاءِ 4287 ليڊيز پوليس فورس جو پڻ انتظام ڪيو ويو آهي وڏي وزير آءِ جي پوليس کي پولنگ وارن علائقن ۾ سي سي ٽي وي لڳل گاڏين کي متحرڪ ڪرڻ ھدايت ڪئي تھ جيئن سرگرمين جي سخت نگراني ڪري سگھجي.هوڏانهن اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري عمر حميد ۽ سنڌ جي چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت جي سربراهي ۾ مڪاني چونڊن بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مڪاني چونڊن دوران سيڪيورٽي سميت ٻين معاملن جو جائزو ورتو ويو،  اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري چيو ته امن امان جي بحالي صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، اجلاس ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري پاران اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري کي امن امان قائم رکڻ جي خاطري ڪرائي هوڏانهن سنڌ جي گهرو کاتي مڪاني ۽ ضمني چونڊن توڙي عيدالاضحيٰ جي موقعي تي هٿيارن جي نمائش تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو ته سنڌ ۾ قلم 144 هيٺ 26 جون تي مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي، 24 جولاءِ تي ٻئي مرحلي، ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 245 تي ننڍي چونڊ ۽ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي 60 ڏينهن لاءِ هٿيارن جي نمائش تي پابندي هوندي، نوٽيفڪيشن ۾ ايس ايچ اوز کي حڪم ڪيو ويو ته اهي انهي پابندي تي عمل ڪرائين، خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن.