ڪراچي (نمائندن وٽان) پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ سان گاڏين جا ڀاڙا توڙي عام واهپي جون شيون مهانگيون ٿي ويون آھن، عوام پيٽرول مهانگو ٿيڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آھي
لاڙڪاڻو، جاتي ۽باڊهه سوڌو مختلف شهرن ۾ مظاهرا جاري آھن، نوشهروفيروز ۾ وڪيل برادري پاران پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاج ڪيو ويو آھي
مظاهرين جو چوڻ آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ سان هر شئي مهانگي ٿي وئي آهي، حڪمران مهانگائي سٽيل عوام کي رليف ڏيڻ بدران آئي ڏينهن مهانگائي ڪن ٿا، پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ فوري واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي
ھي به پڙھندا