نئون دمبالو (ن پ ا ) نئون دمبالو ويجهو آرائين ڳوٺ ۾ 8 سالا معصوم نياڻي ثمرين ڌي مصطفي’ آرائين کي ڀيل برادري جي 12سالا نيگر بابو ولد مراد ڀيل مبينا زيادتي جو ڪيس  داخل ڪيو ويو آهي، نينگري جي پيء صحافين کي ٻڌايو ته آئون شهر مزدوري ڪرڻ ويو هوس ته منهنجي زال مون کي فون ڪري ٻڌايو ته معصوم نياڻي ثمرين سان بابو ڀيل زيادتي ڪئي آھي ۽ معصوم نياڻي جي شلوار تي رت جا نشان لڳل هئا، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي معصوم نياڻي کي ميڊيڪل لاء ماتلي اسپتال روانو ڪيو هو جنهن بعد ڪالهه مون جوابدار بابو ڀيل تي ايف آئي آر داخل ڪرائي آھي ۽ جوابدار کي  اڄڪورٽ سڳوري ۾ پيش ڪيو ويندو.