پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ سان گاڏين جا ڀاڙا وڌي ويا، عام واهپي جون شيون مهانگيون

0
277
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڳاٽي

ڪراچي (نمائندن وٽان) پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ سان گاڏين جا ڀاڙا توڙي عام واهپي جون شيون مهانگيون ٿي ويون آھن، عوام پيٽرول مهانگو ٿيڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آھي

 لاڙڪاڻو‏، جاتي ۽باڊهه سوڌو مختلف شهرن ۾ مظاهرا جاري آھن،  نوشهروفيروز ۾ وڪيل برادري پاران پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاج ڪيو ويو آھي

 مظاهرين جو چوڻ آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ سان هر شئي مهانگي ٿي وئي آهي، حڪمران مهانگائي سٽيل عوام کي رليف ڏيڻ بدران آئي ڏينهن مهانگائي ڪن ٿا، پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ فوري واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي

ھي به پڙھندا

عوام حيران پريشان: وفاقي سرڪار پيٽرول مھانگو ڪري ڇڏيو