محمود آباد ۾ غيرقانوني اڏاوت خلاف درخواست: ڌرين کي نوٽيس جاري

0
148
محمود آباد ۾ غيرقانوني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪچي آبادي محمود آباد ۾ غير قانوني اڏاوت خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪچي آبادي  محمود آباد ۾ غير قانوني اڏاوت خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي آھي

عدالت ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول  اٿارٽي ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا آھي، ان سلسلي ۾ درخواستگذار موجب محمود آباد ۾ گرائونڊ پلس 2 جي اڏاوت جي اجازت آهي، بلڊر 5-5 منزل جوڙائي رهيا آهن

درخواستگذار موجب بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي شڪايت ڪئي وئي پر ڪا به ڪارروائي نه ٿي، ڪچي آبادي محمود آباد ۾ غير قانوني اڏاوت کي فوري طور تي روڪرايو وڃي