ڪراچي(م ڊ) رٿابندي واري وفاقي وزير اسد عمر ڪراچي جي شهرين کي گرين لائين منصوبي کي آپريشنل ڪرڻ جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي آهي، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ اسد عمر لکيو ته هن ڪالهه ڪراچي گرين لائين منصوبي جو تفصيلي جائزو ورتو، ايندڙ 10 ڏينهن ۾ ڪراچي گرين لائين منصوبو آزمائشي آپريشن لاءِ تيار ٿي ويندو
اسد عمر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اهو به چيو ته ٽرائل کانپوءِ وزيراعظم عمران خان ڪراچي ايندو ۽ گرين لائين منصوبي جو افتتاح ڪندو، ٻن هفتن جي آزمائش کانپوءِ ڪراچي گرين لائين جو ڪمرشل آپريشن 25 ڊسمبر تي شروع ڪيو ويندو
ھي به پڙھندا