اسد عمر ڪراچي جي شهرين لاءِ خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

0
286
پاڪستان ۾ ڪورونا
پاڪستان ۾ ڪورونا جي نئين لهر جا آثار نمايان آهن: اسد عمر

ڪراچي(م ڊ) رٿابندي واري وفاقي وزير اسد عمر ڪراچي جي شهرين کي گرين لائين منصوبي کي آپريشنل ڪرڻ جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي آهي، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ اسد عمر لکيو ته هن ڪالهه ڪراچي گرين لائين منصوبي جو تفصيلي جائزو ورتو، ايندڙ 10 ڏينهن ۾ ڪراچي گرين لائين منصوبو آزمائشي آپريشن لاءِ تيار ٿي ويندو

اسد عمر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اهو به چيو ته ٽرائل کانپوءِ وزيراعظم عمران خان ڪراچي ايندو ۽ گرين لائين منصوبي جو افتتاح ڪندو، ٻن هفتن جي آزمائش کانپوءِ ڪراچي گرين لائين جو ڪمرشل آپريشن 25 ڊسمبر تي شروع ڪيو ويندو

ھي به پڙھندا

عدليه کي به اثاثن بابت جواب ڏيڻو پوندو: وفاقي وزير اسد عمر