حڪومت مهانگائي ۽ غربت جي خاتمي ڏانهن ڌيان ڏئي

0
191
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ملڪي تاريخ تي نظر وجهبي ته شروع کان اڄ تائين مهانگائي پاڪستان جو سرفهرست مسئلو رهيو آهي، 74 ورهين جي عرصي ۾ اهڙو ڪوبه وقت ذڪر جوڳو ناهي، جنهن ۾ چئجي ته غريب کي ٻن ويلن جي ماني سولائي سان ميسر ٿي هجي، غربت ۽ بيروزگاري اهڙا مسئلا آهن، جن ۾ غريب سدائين پيڙهبو رهيو آهي پر اڄ جي صورتحال بنهه مختلف آهي، اڄ پاڪستان مهانگائي جي شرح ۾ ترقي ڪري ان موڙ تي اچي پهتو آهي، جتي غريب ته ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪو آهي،

پر وچين طبقي جو عوام به غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي ۾ اچي ويو آهي، ڪالهه جيڪي سفيد پوشن جي فهرست ۾ شامل هئا، اهي اڄ غريبن جي قطار ۾ پهچي ويا آهن، ان مان اندازو لڳايو ته غريب ڪٿي بيٺل هوندو، ان جو گذران ڪيئن ٿيندو هوندو؟ پورهيو ڪري پيٽ جي باهه اجهائيندڙ مسڪين ڪيئن جيئي؟ هي اهڙو سوال آهي، جنهن جو جواب نه اڄ جي حڪمران وٽ آهي ۽ نه  ان تي  سوچڻ جي به زحمت ڪرڻ لاءِ تيار آهن.

ڪرپشن، مهانگائي، غربت جي خاتمي ۽ تبديلي جي نعري سان اقتدار ۾ آيل تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾  مهانگائي بلندي جي انتها تي پهتل آهي. پيٽرول سڀ کان وڌيڪ 146 رپيا لٽر، اٽو 70 کان 80 رپيا ڪلو مهانگو ٿيڻ سوڌو خوراڪ سميت هر شئي جي اگهن ۾ غيرمعمولي حد تائين واڌ عوام کي نپوڙي ڇڏيوآهي.   شماريات کاتي پنهنجي هفتيوار تازي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي بلند ترين سطح 18.64 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، هڪ هفتي دوران 20 شين جي اگهن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، هفتي ۾ اڍائي ڪلو گيهه جي قيمت ۾ 19 رپيا، سرنهن جي في ڪلو تيل جي قيمت ۾ 2 رپيا 80 پيسا، صابڻ 2 رپيا ۽ دال مسور 1 رپيو 87 پيسا مهانگا ٿيا، باسمتي چانور، دال ڄڻا، ٻارڻ واريون ڪاٺيون ۽ ٻيون شيون به مهانگيون ٿيون.

ٻن ويلن جي ماني جي جنگ وڙهندڙ عوام لاءِ بيماري هن وقت ڪنهن موت کان گهٽ نه آهي،  ڇاڪاڻ ته علاج اميرن جي پهچ کان ئي پري ٿي ويو آهي، غريب ۽ وچين طبقي جو عوام ته دارون جي آس ۾ ئي زندگي جا پساهه پورا ڪري ٿو، تبديلي سرڪار دوائن جي قيمتن ۾ غير يقيني واري حد 300 کان 400 سيڪڙو تائين اضافو ڪري بيمار کان زندگي کسي ورتي آهي، بهرحال عام زندگي جي استعمال جي هر شئي مهانگي ٿيڻ سبب زندگي جو ڦيٿو ڄڻ ته جام ٿي ويو هجي.جڏهن مهانگائي ۾ غيرمعمولي حد تائين اضافي جو سوال اٿارجي ٿو ته حڪومت وٽ صرف 2 جواب آهن، هڪ روايتي جواب ته گذريل حڪومتن معيشت تباهه ڪري ڏيوالپڻي واري حالت ۾ ملڪ اسانجي حوالي ڪيو، جنهن ڪري معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ عوام کي ڪجهه قرباني ڏيڻي پوندي ۽ ٻيو بهانو ڪورونا آهي،

جنهن جي آڙ ۾ حڪومت 3 سال پورا ڪري چڪي آهي، جيتوڻيڪ انهي ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ڪورونا وائرس سڄي دنيا جي معيشت تي گهرا اثر ڇڏيا آهن ۽ انهي ڪري مختلف ملڪن ۾ مهانگائي به وڌي آهي پر اتان جي صورتحال پاڪستان جي صورتحال جهڙي هرگز نه آهي، ٻن ملڪن جي صورتحال سان هتان کي ڀيٽڻ گمراهه ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه به ناهي، ڇاڪاڻ جڏهن شروع ۾ ڪورونا وبا آئي ته دنيا ۾ پابندين سبب معاشي نظام بيهجي ويو پر ان باوجود دنيا پنهنجي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو، انهن کي رعايتي پيڪيج ۽ رليف ڏئي مشڪلاتن مان ڪڍيو پر اسانجي حڪمرانن رڳو افراتفري پيدا ڪئي، پابنديون لڳايون ۽ عوام کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو.

اسان سمجهون ٿا ته، مهانگائي ۽ غربت ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ حساس مسئلو آهي ۽ حڪومت جي پهرين ترجيح به عوام جا بنياد مسئلا هجڻ گهرجي، وقت جي حڪمرانن کي هنگامي بنيادن تي قدم کڻي مهانگائي تي ضابطو آڻڻ گهرجي ۽ گڏو گڏ اهڙو رليف پيڪيج ڏيڻ گهرجي، جيڪو فوري ۽ سڌي ريت عوام تائين پهچي سگهي، جيئن مهانگائي ۽ غربت جي چڪي ۾ پيسجندڙ عوام جي زندگي ۾ آساني جي ڪا واٽ نڪري سگهي.