لاڙڪاڻو( رپورٽ شاھ محمد لاشاري /نادر ابڙو) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ۽ جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان خطاب ڪندي چيو ته ملڪي بقا داءُتي لڳل آهي، تباهي جا ذميوار عمران کي آڻيندڙ آهن، فوج ڪرنلن جو نه پر عوام جو ادارو آهي، 4 ججن جي بيانن عدليا جي ڪردار تي سواليا نشان اٿاري ڇڏيا آهن. لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽر خالد محمود جي ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته آئين قوم ۾ ميثاق ملي جي حيثيت رکي ٿو، ان جو احترام ڪرڻو آهي، اڄ پارليامينٽ يرغمال آهي، عالمي ادارن جي هدايت تي قانونسازي ڪئي وڃي ٿي، ايندڙ چونڊن ۾ ڌانڌلي لاءِ قانونسازي ڪئي وئي، گڏيل پارليامينٽ جي تازي قانونسازي کي رد ڪريون ٿا. هن چيو ته عمران خان معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو، قومي پيداوار ٻڙي کان به هيٺ هلي وئي آهي، تباهي جا ذميوار عمران کي آڻيندڙ آهن، هن چيو ته فوج جو ادارو جنرلز جو ادارو نه پر قوم جو اداروآهي، جنرل اداري جا پگهاردار حصو آهن، اسان ادارن جو احترام ڪريون ٿا، عدليا کي وطن جو ادارو سمجهون ٿا پر اڄ عدليا جي فيصلن کي عدل ۽ انصاف جي معيار طور ڇو نٿو ڏٺو وڃي؟ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي 4 ججن جا بيان عدليا جي ڪردار تي سوال آهن. هن چيو ته فضل الرحمان چيو ته رياست جي بقا جو دارومدار معيشت تي آهي، دفاع ثانوي دارومدار آهي. هن چيو ته مون هڪ جلسي ۾ سنڌ جي ٻيٽن ۽ بلوچستان جي سمندري ٻيٽن جي ڳالهه ڪئي هئي پر آءُ اڄ به چوان ٿو ته ٻيٽن تي انهن صوبن جي ماڻهن جو حق آهي ۽ انهن تي ڪير به ڌاڙو هڻي نه ٿو سگهي. آءُ اڄ شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي رت جو قسم کڻي چوان ٿو ته پاڪستان جي بقا جي جنگ پنهنجي رت جي آخري قطري تائين وڙهندو رهندس. هن چيو ته سال 2008ع کان 2018ع تائين جي ڀيٽ ۾ گذريل ٽن سالن جو ورتل قرض پونئين 10 سالن جي قرض کان ٻيڻو آهي، هنن ادارن کي گروي رکي ڇڏيو آهي. اڄ اِهو سوال ناهي ته عمران خان اسان جي ملڪي معيشت کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو پر چئلينج اِهو آهي ته ڪير اچي هن معيشت کي بهتر بڻائي ۽ ان مقام تائين پهچائيندو؟ فاٽا کي ضم ڪرڻ وارو مسئلو به ائين آهي جيئن هندوستان ڪشمير سان ڪيو، هن کي جيڪڏهن اسان فاٽا سان همدردي تصور ڪيون ٿا ته هندوستان جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ پي ڊي ايم جي جنرل سيڪريٽري ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي خطاب ڪندي چيو ته جيستائين پاڪستان جو نظام آئين تحت نه هوندو ۽ ادارا پنهنجي آئين حدن ۾ نه رهندا تيسيتائين پاڪستان جي عوام جي پريشاني ختم نه ٿيندي ڇاڪاڻ ان آئين تحت نمائندا بڻجي اسيمبلي ۾ ويندا آهيون جيڪي جج، جرنيل ۽ آفيسر ٿيندا آهن اهي حلف کڻندا آهن ته انهن کي پاڪستان جي عوام جي خدمت ڪرڻي آهي پر جڏهن حلف کي ٽوڙيو ويندو آهي ۽ اليڪشن چوري ٿينديون آهن ۽ ملڪ ۾ عدل ڪندڙ اليڪشن ۾ مداخلت ڪندا آهن ۽ ملڪ جو چيف جسٽس انصاف جي نظام ۾ مداخلت ڪندو آهي ته پوءِ اها پريشاني عوام کي ڀوڳڻي پوندي آهي. جميعت علماءِ اسلام جي جنرل سيڪريٽري ۽ سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري خطاب ڪندي چيو ته موجوده حڪمران جن قوتن اسان مٿان ٿاڦيو ويو انهن جا چهرا ته ڏسو اهي بي نقاب ٿي چڪا آهن، جمعيت علماءِ پاڪستان جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل صاحبزاده محمد اويس نوراني خطاب ڪندي چيو ته توهان 22 ڪروڙ جي مينڊينٽ تي ڌاڙو هڻندا آهيون، هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين جي نالي تي عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، ان جو مطلب آهي ته هاڻي اڀي نندن به اوهان لاءِ ووٽ وجهندو، هن چيو ته سڀ کان وڏو چور ثاقب نثار پاڻ آهي، هن چيو ته ملڪ جي سڀ کان وڏي منصوبي سي پيڪ کي تباهه ڪرڻ ۾ جيڪڏهن ڪو مڪروهه چهرو آهي ته اهو عمران خان جو آهي. اسين مطالبو ٿا ڪريون ته ثاقب نثار جو نالو اي سي ايل ۾ وجهي عدالت ۾ گهرائي حساب وٺڻ گهرجي، ڊيم فنڊ جو به حساب ان کان ورتو وڃي. بلوچستان عوامي پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ جهانزيب جمالديني چيو ته اڄ به ماڻهو کنڀي گم ڪيا پيا وڃن. پاڪستان جو پهريون کنڀي گم ڪيل بلوچستان مان آيو اهو جيڪو سردار عطاءُ الله مينگل جو پٽ ۽ سردار اختر جان مينگل جو ڀاءُ شهيد اسد مينگل هو، جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو ته پارٽي ڪهڙي به هجي سنڌ جي مسئلن تي سڀني کي گڏ ٿيڻ گهرجيجيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته اسان کي ملڪ ۽ رياست جي اندر انصاف نه ٿو ملي، هي ظلم ۽ بربريت جو ننگو راڄ آهي، دريائن جو مالڪ هجڻ جي باوجود 70 سالن کان پاڻي ۽ رياست تي پنجاب جو غيرقانوني قبضو آهي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٻاهريان ماڻهو نمائندا آهن ۽ آصف علي زرداري 14 سالن کان سنڌ کي تباهه ڪري رهيو آهي پر نيب بليڪ ميلنگ جو ادارو آهي جيڪڏهن انصاف هجي ها ته زرداري جيل ۾ هجي ها. اڳوڻي سينيٽر صفدر علي عباسي چيو ته وزيراعظم کي چوندس ته 14 سالن کان سنڌ جي حڪمرانن تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ وزيراعظم سنڌ کي به ڏسي. ڪانفرنس ۾ قراردادون پيش ڪندي چيو ويو ته زبردستي اسيمبلي مان پاس ڪيل اِي وي ايم جي مشين جنهن تحت چونڊن ۾ ڌانڌلي جا چٽا امڪان آهن ۽ ڪو به شخص ان سافٽ ويئر کي هيڪ ڪري ڊيٽا چوري ڪري سگهي ٿو تنهن ڪري اِي وي ايم مشين تحت عام توڙي مڪاني چونڊون ڪرڻ بجاءِ بيلٽ پيپر جي ذريعي چونڊون ڪرايون وڃن. سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ رهندي، سنڌ جي وحدت تي مسلسل ٿيندڙ حملن ۽ سنڌ ۾ الڳ صوبو ٺاهڻ جون ڳالهيون اسان پاڪستان جي وحدت تي حملو سمجهون ٿا ۽ ان کي سنگين قسم جو ڏوهه سمجهندي ۽ ڏوهه قرار ڏيندي مطالبو ٿا ڪريون ته اهڙن سازشن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ مسلسل لاش ملي رهيا آهن، تازو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان نياڻي نوشين جو لاش پڻ مليو آهي، اسان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ٿيندڙ پراسرار موت کي خودڪشي قرار ڏئي نظرانداز ڪرڻ بجاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪري سمورن واقعن جي جاچ ڪرائي وڃي، سنڌ جي قدرتي وسيلن ۽ صنعتي يونٽن تي سنڌين جو حق آهي، سنڌ سڀ کان وڌيڪ گيس ڏئي ٿي تنهن ڪري پهريون حق سنڌ واسين جو آهي ۽ صنعتي يونٽن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ سان گڏ انهن علائقن ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي انهن کي رليف فراهم ڪيو وڃي. سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي جي ڪوشش ختم ڪري سنڌ دشمن منصوبا ختم ڪيا وڃن. سنڌ جي هارين کي کي زرعي جنسن جا معياري اگهه ڏئي ڀاڻ ۽ زرعي جنسن تي سبسڊي ڏني وڃي. ملڪ ۾ اظهار آزاديءَ تان پابندي ختم ڪري صحافين جا مسئلا حل ڪري پريس ڪلبن کي فنڊ ڏنا وڃن. عدالتي فيصلي کان پوءِ برطرف ڪيل سوئي گيس جي 17 هزار ملازمن کي بحال ڪيو وڃي، مهانگائي جي حساب سان سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي. سنڌ ۾ ڪارو ڪامڻ، دل، گڙدن، شگر ۽ ٻين موذي مرضن ۾ واڌ ٿي رهيو آهي تنهن ڪري سنڌ جي سمورن اسپتالن ۾ انهن موذي مرضن جي علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي سمورن اسپتالن ۾ دوائن، اوزارن ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ ختم ڪري غريب عوام کي صحت جو بهتر ۽ معياري سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ ڪنهن به اسپتال ۾ جيڪڏهن ڪو مريض فوت ٿي وڃي ٿو ته ان واقعي کي قتل قرار ڏئي تڪ جي چونڊيل ايم اين اي يا ايم پي اي خلاف ان قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. سنڌ ۾ تعليمي نظام کي بهتر بڻائي آئي بي اي جي تڪراري نتيجن کي رد ڪري ٻيهر ٽيسٽ ورتي وڃي. جي يو آءِ سميت سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي بازياب ڪرايو وڃي. ديني مدرسن مٿان مڙهيل غيرقانوني ۽ غير شرعي پابنديون هٽايون وڃن. تعليمي نصاب مان ختم نبوت ۽ ٻين ديني موضوعن کي ختم ڪرڻ جي سازش بند ڪئي وڃي. سنڌ پوليس جي ڪانسٽيبل کي 7 گريڊ ۾ اپ گريڊ ڪري سندن جي حق تلفي بند ڪئي وڃي. سکر حيدرآباد موٽر وي جو ڪم شروع ڪري سنڌ جي عوام کي سفري سهولتون فراهم ڪيون وڃن.