راولپنڊي (م ڊ) نواز ليگ جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نوازشريف ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ته سندس مٿان مودي جي يار هجڻ جا الزام لڳايا ويا. مريم اورنگزيب تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته عدليه جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿي، عدليه جي بحالي واري تحريڪ ۾ وڪيلن جو اهم ڪردار هو. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ظلم ڪيا پيا وڃن. ڪشمير ۾ ظلم ۽ بربريت جي تاريخ لکي پئي وڃي. ڪشمير پاڪستان جو اڻٽٽ حصو آهي عالمي برادري کي فيصلي تي عمل ڪرائڻو پوندو. نواز ليگ اڳواڻ چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين جي معاملي تي عالمي برادري جي خاموشي تي سوال ڇو نٿا اٿاريا وڃن؟ اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم پاڪستان جي دوري دوران ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. نوازشريف جڏهن ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ته سندس مٿان الزام لڳايا ويا.