عدليه کي به اثاثن بابت جواب ڏيڻو پوندو: وفاقي وزير اسد عمر

0
206
رڳو11 ايم اين ايز جون

اسلام آباد: منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آھي ته عدليه آزاد ضرور هجڻ گهرجي پر قانون کان مٿانهين نه، جڏھن ته عدليه کي به اثاثن جو حساب ڏيڻ گھرجي.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اسد عمر چيو ته انتهاپسندي سڄي دنيا ۾ وڌي رهي آهي.هن چيو ته احتساب جي ڳالهه جمهوري نظام تحت ئي ڪيون ٿا، ڪرپشن ۽ فراڊ جو جواب عدالت ۾ ڏيڻو پوندو.

اسد عمر چيو ته جمهوريت آزاد عدليه کانسواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي ۽ عدليه آزاد ضرور هجي پر قانون کان مٿانهين نه هجي، عدليه کي به پنهنجي اثاثن جو حساب ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته حڪومت ۽ اپوزيشن کي ذاتي مفادن کي نظرانداز ڪندي آئين سازي بابت گڏ ٿيڻو پوندو.