مسوڀرڳڙي (ن پ ا) مسوڀرڳڙي ۾ 14 ورهين جي نينگر کي ٽن ڄڻن پاران حوس جو نشانو بڻائي ڦٽو ڪيو ويو، حد جي پوليس ليٽر ڏئي لمس ٽيسٽ لاء روانو ڪري ڇڏيو، وارثن پاران ايس ايس پي حيدرآباد کان نوٽيس وٺي انصاف جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ مسوڀرڳڙي ۾ 14 ورهين جي نينگر سجاد علي پٽ معشوق خاصخيلي کي ٽن جوابدارن رات 9 بجي مسوڀرڳڙي مان ڪار ۾ اغوا ڪري بدفعلي جو نشانو بڻايو، بدفعلي بعد جوابدار کيس ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، جڏھن ته نينگر جي وارثن اھڙي واقعي جي اين سي حد جي ڇلگري ٿاڻي تي ڪٽرائي ڇڏي آهي، جن ۾ ھڪ جوابدار پرو خاصخيلي ۽ ٻه نامعلوم جوابدار ڄاڻايا ويا آھن، ٻئي طرف نينگر جي والد معشوق خاصخيلي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي پٽ کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ان سان زيادتي ڪئي وئي آھي. ھن چيو ته ايس ايس پي حيدرآباد معاملي جو نوٽس وٺي انصاف ڪري.