خانپور: ڪمالاڻي جتوئي ڌر جي مقتولن جي وارث عورتن مسمات هدايت خاتون، مسمات ليلان ۽ ٻين پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سعد خاناڻي جتوئين اسان جا 4 ڪونڌر ڪھي ڇڏيا آهن، جنھن سبب اسان وٽ ڪھرام متل آهي، ھنن پوليس خلاف احتجاج ڪندي چيو ته اسان پوليس ڏانھن فون ڪري اطلاع ڏيندا رھياسين پر پوليس وقت سر نه پھتي، جنهن ڪري ايترو نقصان ٿي ويو ۽ اسان جا مڙس مارجي ويا، ٻئي طرف سعدخاناڻي جتوئي ڌر جي مارجي ويل ھڪ ڄڻي بخشل سعدخاناڻي جتوئي جي وارث عورتن اميزادي ۽ ٻين چيو ته ڪارنھن مامري تان 3 مھينا اڳ وحيد ڪمالاڻي جتوئي ۽ ھڪ عورت مارجي ويا ھئا، جنھن تان ڪمالاڻي ڌر پاران جھيڙو ڪيو ويو، جنھن دوران فائرنگ ۾ اسان جو نوجوان مارجي ويو.