خانپور: ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنهي ڌرين ۾ 3 مهينا اڳ ڪارنهن معاملي تان ان وقت تڪرار شروع ٿيو، جڏهن ته وحيد ڪمالاڻي جتوئي ۽ مسمات ريشمان زال گلاب خاناني جتوئي قتل ٿي ويا هئا، ٻنهي جي قتل جو رستم ٿاڻي تي ڪيس داخل پڻ ٿيل آهي. واقعي بعد ڌرين ۾ هر وقت ڇڪتاڻ وارو ماحول هو ۽ هڪٻئي تي فائرنگ پڻ ڪندا رهندا هئا.