خانپور: جهيڙيندڙ ڌرين جي علائقي ۾ وڌيڪ رتو ڇاڻ روڪڻ لاءِ پوليس پاران پڪٽون قائم ڪيون ويون آهن، ان ڏس ۾ ايس ايس پي شڪارپور ڪامران نواز پنجوٿا چيو آهي ته پڪٽن تي وڏي نفري مقرر ڪري ايس ايچ اوز جي ڊيوٽي لڳائي وئي آهي، هن چيو ته ڪارروائي ڪري ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن ۾ زخمي ممتاز ڪمالاڻي، محمد حسن ۽ بشير شامل آهن. هن چيو ته واقعي جو وارث اڃا تائين ڪيس داخل ڪرائڻ ناهن آيا، جيئن ئي هو ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو، ٻئي صورت ۾ سرڪاري فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي.