اسلام آباد: شماريات کاتي 2017ع جي آدمشماري بابت جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ جي ٻهراڙي جي علائقن ۾ قائم گهرن مان 45.5 سيڪڙو گهرن کي ڌار ڌار بورچيخانه آهن، 21.10 سيڪڙو گهرن جا گڏيل بورچيخانه ۽ 32.86 سيڪڙو گهراڻن کي بورچيخانه ناهن، ٻهراڙي جي علائقن ۾ 10.76 سيڪڙو ليٽرين سيوريج سان گڏيل، 18.10 سيڪڙو کليل نالن سان ڳنڍيل آهن، جڏهن ته مجموعي طور تي ٻهراڙي جي گهرن ۾ 66.23 سيڪڙو ليٽرين جي سهولت آهي، 33.77 سيڪڙو گهراڻن ۾ ليٽرين جي سهولت ناهي.