اسلام آباد: آدمشماري ڪرائيندڙ شماريات کاتي 2017ع جي آدمشماري بابت جاري ڪيل رپورٽ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2017ع جي آدمشماري وقت سنڌ جي ٻهراڙين ۾ 5 سالن تائين اڳ تعمير ٿيل گهرن جو تعداد 22.9 سيڪڙو، 10 سال اڳ تعمير ٿيل گهرن جو تعداد 39.60 سيڪڙو، جڏهن ته 10 سالن کان وڌيڪ عرصو اڳ تعمير ٿيل گهرن جو تعداد 35.72 سيڪڙو هو، جڏهن ته شهرن ۾ 5 سال اڳ تعمير ٿيل گهرن جو تعداد 12.8 سيڪڙو، 10 سالن تائين اڳ تعمير ٿيل گهرن جو تعداد 24.98 سيڪڙو، 10 سالن کان وڌيڪ اڳ عرصو تعمير ٿيل گهرن جو تعداد 60.45 سيڪڙو هو.