اسلام آباد: شماريات کاتي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته 1998ع ۾ سنڌ صوبي اندر پنجاب ڳالهائيندڙ 21 لک 28 هزار 143 هئا، 2017ع ۾ پنجابي ڳالهائيندڙن جو سنڌ اندر تعداد وڌي 25 لک 42 هزار 913 ٿي ويو، 1998ع ۾ سنڌ اندر پشتو ڳالهائيندڙن جو تعداد 12 لک 76 هزار 445 هو، جيڪو 2017ع ۾ وڌي 26 لک 13 هزار 790 تي پهتو آهي، بلوچي ڳالهائيندڙ 1998ع ۾ سنڌ اندر 6 لک 40 هزار 804 هئا، 2017ع ۾ بلوچي ڳالهائيندڙن جو تعداد وڌي 9 لک 56 هزار 516 تي پهتو، 1998ع ۾ سنڌ اندر سرائيڪي ڳالهائيندڙن جو تعداد 3 لک 10 هزار 956 هو، جيڪو 2017ع ۾ وڌي 10 لک 67 هزار 751 تي پهتو آهي.

اسلام آباد: شماريات کاتي پاران جاري ڪيل 2017ع جي آدمشماري جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ صوبي اندر 1998ع ۾ ريڊيو 29.75 سيڪڙو گهراڻن جي معلومات جو ذريعو هو، 2017ع ۾ ان ۾ غير معمولي گهٽتائي آئي آهي، هاڻي سنڌ ۾ ريڊيو معلومات جو ذريعو رڳو 4.3 سيڪڙو گهرن جو آهي، ٽي وي 47.83 سيڪڙو سنڌ جي گهراڻن ۾ معلومات جو ذريعو بڻيل آهي، جن ۾ ٻهراڙين ۾ 21.98 سيڪڙو گهراڻن جي ٽي وي معلومات جو ذريعو آهي، جڏهن ته شهري علائقن ۾ 75.59 سيڪڙو ٽي وي معلومات جو ذريعو آهي، سنڌ صوبي اندر مجموعي طور تي اخبارون 6.68 سيڪڙو گهراڻن جي معلومات جو ذريعو آهن، جن ۾ 3.54 سيڪڙو ٻهراڙي ۽ 10.9 سيڪڙو شهري علائقن ۾ گهراڻن جو اخبارون معلومات جو ذريعو آهن، لينڊ لائين فون جو رواج 2017ع ۾ گهٽجي رڳو 4.46 سيڪڙو گهراڻن تائين پهتو آهي، سنڌ اندر ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي سهولت رڳو مجموعي طور تي 11.17 سيڪڙو گهراڻن وٽ آهي، جن ۾ 2.28 سيڪڙو ٻهراڙي ۽ 20.38 سيڪڙو شهري علائقن ۾ قائم گهرن ۾ انٽرنيٽ جي سهولت موجود آهي.