سيد سردار شاھھ ڏانهن کليل خط!

  ڳوٺ ڏيڙو تعلقو ڏيپلو جي مختلف پاڙن ۾ ٽي پرائمري اسڪول موجود آهن، هر هڪ نالي واسن هالو پرائمري اسڪول، ابراهيم هالو پرائمري اسڪول ۽ عبداللھ هالو پرائمري اسڪول، صرف هڪ اسڪول واسن هالو پرائمري اسڪول ۾ ماستر مقرر آهي، جيڪو مهيني ۾ حاضري لڳائي ٿو، باقي ٻين اسڪولن ۾ ڄڻ مري ويل مڙسن جي سوڳ ۾ آهن. سوين ٻارن جي زندگي داءُ تي لڳل آهي. غريب پورهيت بٺن تي ۽ رازن جو ڪم ڪندڙن جي وڌيڪ اڪثريت آهي، جيڪي پنهنجي ٻچن کي هينئر هڪ پرائيويٽ ماستر جي فيس ڀري پڙهائن ٿا. ڇا انهن پورهيتن جي ٻچن کي مفت تعليم جو حق ناهي؟ ڇا اهي پورهيت پاڪستان جا شهري ناهن؟ ڇا اهي پنهنجي بنيادي سهولتن جي خاطر ڳرا ٽيڪس نٿا ڏين؟ سڀني سوالن جا حل موجود آهن پر انهن اعليٰ آفيسرن کي خبر آهي تھ جنهن ڳوٺ ۾ اسان جو ماستر ٻارن کي الف بي ئي ڪونھ پڙهايو آ اتي جا نوجوان باشعور نٿا ٿي سگهن. اسان جي خلاف ڪير آواز بلند نٿو ڪري، بيشڪ ايئن آهي پر “ٿي تند وڙهي تلوارن سان” بھ ٻُڌو هوندو. اسان تعليم واري وزير سائين سردار علي شاهھ ۽ تعليم سيڪريٽري اڪبر لغاري صاحب کي گذارش ٿا ڪريون تھ ڳوٺ ڏيڙو تعلقو ڏيپلو ۾ سالن کان بند پيل اسڪولون فوري طور کولرايا وڃن جيئن معصوم ٻار پنهنجي بنيادي حقن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهن.

موهن ريگستاني ڏيڙو / ڏيپلو

پرائمري اسڪول حاجي الياس سومرو جا مسئلا!

  بدين شھر جي بلڪل ويجھو گورنمينٽ پرائمري اسڪول حاجي الياس سومرو بنيادي سھولتن کان وانجهيل آھي، ھن اسڪول ۾ 250 کان وڌيڪ ٻارڙا تعليم پرائي رھيا آھن، جن ۾ وڏو انگ نياڻين جو آھي، ھنن شاگردن کي پڙھائڻ لاءِ فقط ٻھ استاد مقرر ٿيل آھن، اسڪول جا ننڍي سائيز جا چار ڪلاس رومز آھن جن ۾ ٻئي ڪلاس کان پنجين ڪلاس جا ٻار پڙھن ٿا. جڏھن تھ ڪچي پھرين ۽ پھرين ڪلاس جا ٻارڙا وڻن ھيٺ يا ڇپرن ھيٺ پڙھن ٿا. اسڪول ۾ فرنيچر جي پڻ شديد کوٽ آھي، جنھن ڪري ڪافي ٻارڙا زمين تي ويھي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آھن. ڳوٺاڻن ۽ اسڪول جي استادن جي بار بار ڪيل اپيلن تي متعلقا ادارن ھيستائين ڪو تدارڪ ڪونھ ڪيو آھي. تعلقي ايجوڪيشن آفيسر بھ ان سڄي صورتحال کان بخوبي واقف آھي پر تنھن ھوندي اسڪول جي حالتن ۾ ڪو سڌارو نھ پيو اچي. ھن اسڪول جا شاگرد تمام گهڻا ھوشيار آھن ۽ استاد بھ تمام گهڻا محنتي آھن، ضرورت ان ڳالھھ جي آھي تھ واسطيدار اختياريون معاملن جو نوٽيس وٺن ۽ اسڪول کي درپيش مسئلن جو فوري حل ڪڍن، اضافي ڪلاس رومز کان سواءِ فرنيچر جي کوٽ کي پورو ڪري، غريب طبقي سان تعلق رکندڙ ھوشيار ٻارڙن لاءِ ھڪ بھتر تعليمي ماحول ميسر ڪري ڏين. اميد تھ ڊپٽي ڪمشنر بدين ۽ ڊسٽرڪٽ ايجو ڪيشن آفيسر ان ڏس ۾ تڪڙا قدم کڻندا.

عبدالجبار/ علي ٽائون بدين

کنڊر بڻيل سي ايم سنڌ جي شھر جي اسپتال!

  ڀان سيد آباد جو شھر سنڌ کي ٻھ وزير اعليٰ ڏنا، جنهن شھر جي اسپتال ۾ ليبارٽري، آپريشن ٿيٽر سميت سموريو سھولتون موجود ھونديون ھيون، جيڪي ٢..٢ کان سوس کائيندي زمين بوس ٿيندي ويون ۽ اڄ تيرنھن سالا پ پ پ جي حڪومت ھجڻ باوجود ھن اسپتال ۾ سواءِ پايو ڊين ۽ پٽي جي ٻي ڪابھ سھولت موجود ناھي. ٻھ لک آبادي ۽ ڪاروباري حب ھجڻ باوجود 20 سالن ۾ اسپتال بھتر نھ ٿي سگھيي، ويتر سندس اڳئين نور بھ چٽ ٿي ويو. پنھنجي شھر جي اسپتالن سان گڏ ٻن سرڪاري ادارن جي حالت زبون آھي ۽ ھي ملڪ پچائڻ پنجاپ، اسلام آباد ڪاڏي پيا وڃن؟ خبر ناھي ته حڪمرانن خاص طور تي سي ايم سنڌ جي ڪھڙي دشمني آ ڀان واسين سان جو ھي اسپتال سندس وڏ وزارت جي ڏينهن ۾ به “ريفر” سينٽر بڻيل آھي، اسپتال ۾ ايمرجنسي جي صورت ۾ نه ايمبولينس آھي نه پورو اسٽاف! باقي ٽيڪسي اسٽينڊ اسپتال جي اندر موجود آھي جيئن ڪوبھ مريض ٽيڪسي لاءِ پريشان نه ٿئي. آئون ڀان واسي شھري ھجڻ ناتي سائين جن خاص ڪري سيد مراد علي شاھھ صاحب، وزير صحت ۽ ضلعي ھيلٿ آفيسرکان اھو سوال ڪرڻ جو حق رکان ٿو ته سائين آخر ڀان سيد آباد اسپتال جي بجيٽ ڪاڏي ٿي وڃي؟ سرڪاري ملندڙ دوائون ڪھڙي غار ۾ گم ٿيون ٿين. ڇا ڀان سيد آباد جو عوام ھن رياست جو حصو ناھي ڇا جو کانئن اسپتال جي سھولت به کسي ڇڏي اٿو. ھن شھر جا مسڪين ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آھن، اھي پرائويٽ ڪلينڪن جو خرچ ڪٿان آڻيندا. ھن شھر واسين اوھان کي ووٽ ڏئي اسيمبلي ۾ ان لاءِ موڪليو ھو ته اوھان اسيمبلي ۾ وڃي روٽي ڪپڙا ۽ مڪان وارا ڪيل واعدا پورا ڪندو پر افسوس ته روٽي ڪپڙو ۽ مڪان ته اوھان ڏئي نھ سگھيا پر اوھان ڀان واسين کان اسپتال جي سھولت به کسي کين تڙپي مرڻ لاءِ ڇڏي ڏنو آھي. آئون مڙني وس وارن کي ھڪ ڀيرو ٻيھر گذارش ڪندس ته خدارا ڀان اسپتال کي ماضي جيان فعال بڻايو وڃي جي اھو نٿا ڪيو ته سئو رپين وارو تالو وٺي مين گيٺ کي ھڻي نوٽيس لڳائي ڇڏيو ته اسپتال سرڪاري طور تي بند ڪيل آھي ته جيئن غريب ماڻهن جو وقت زيان نه ٿئي.

شوڪت علي مري/ڀان سيد آباد

مڇرن جو آزار ۽

وڌندڙ مليريا بخار!

  سياري جي موڪلاڻي سان گڏ ئي چمبڙ تعلقي جي ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ مڇرن، مکين ۽ ٻين زھريلن جيتن جو آزار پنھنجي انتھا تي پھتل آھي، جنھن جي ڪري عوام ۽ سندن چوپائي مال جو سک ڦٽي حرام ٿي ويو آھي، مڇرن ۽ ٻين زھريلن جيتن جي ڏنگن جي ڪري عوام جي اڪثريت مليريا بخار ۾ وڪوڙجي چڪو آھي، چوپائي مال ۾ به مختلف بيماريون پکڙجي چڪيون آھن، شام ٿيندي ئي مڇرن جا ڪٽڪ ٻاھر نڪري اچن ٿا ۽ انسانن ۽ پالتو جانوارن کي سڄي رات ڏنگيندا رھن ٿا، ھتان جي رھواسين واسطيدار اختيارن کان پرزور مطالبو ڪيو آھي تھ جلد کان جلد چمبڙ تعلقي جي ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ مڇرمار اسپري ڪري عوام کي زھريلن جيتن جو کاڄ بڻجڻ کان بچايو وڃي ته جيئن هتان جو عوام سڪون جي ننڍ ڪري سگھي.

ارشاد علي/ٽنڊو الھيار

عورتن تي ٿيندڙ ظلم کي روڪيو وڃي!

  سڄي سنڌ ۾ امن امان جي انتھائي اڻ وڻندڙ صوتحال آھي! سنڌ جون حَوا ڄايون ڪٿي به محفوظ ناھن! روزانو جي بنياد تي سنڌ ۾ عورتون وحشت جو کاڄ بڻجي ظلم، بربريت ۽ وحشت جي ور چڙھنديون رھن ٿيون! ھلندڙ سال دوران مٺي، عمر ڪوٽ ۾ نياڻي کي ڪپڙن کان آجوڪري سندس عزت داءَ تي لڳائي وئي، ته وري شاگردياڻي نوشين جھڙين قابل نياڻين کي وقت کان اڳ موت جي منھن ۾ وڃڻون پيو! ھي سڀ ڪجھھ ھتان جي قانوني عملدارن، وقت جي حڪومت جي نااھلي جو چٽو ثبوت ناھي ته پوءِ ڇا آھي؟ تازو سکر جي روھڙي واري علائقي ۾ پيش آيل واقعو پيش آيو، نياڻي پوڄا اوڏ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش وئي تھ نياڻيءَ مزاحمت ڪئي! جنھن تي کيس قتل ڪيو ويو! ٻڌايو ڀلا ھي ڪھڙو سماج آھي جنھن ۾ رھندڙ ھر ماڻھو دل ۾ اھا حَسرت رکيو ھلندو ھجي ته ماءُ جي پيرن ھيٺان جنت آھي. اي ظالمو جيڪڏھن ماءُ جي پيرن ھيٺان جنت آھي ته پوءِ ڪنھن جي به ماءُ يا ڪنھن ڀيڻ مطلب ساڳئي عورت تي ظلم ڪري اوھان ڪھڙو پيغام ڏئي رھيا آھيو! سچ  اھو آھي ته جيڪي ماڻھو عورت جي حمايت ۾ لکن ٿا ڳالھائين يا انھن جي حقن جي پوئيواري ڪن ٿا ته انھن شين تي به جارحاڻي سوچ رکندڙ ڄٽن پاران اھو ٻڌايو ويندو آھي ته عورت ڇڙواڳ ٿي چاھي پر ھنن کي اھا خبر ناھي ته خودمختياري ڇا آھي جنھن ڪري عورتون ويچاريون خودمختياري حاصل ڪرڻ پري جي ڳالھھ پر اڄ جي عورت ھن سماج ۾ پاڻ کي قيدياڻي ئي سمجھي ٿي؟ جنھن ڪري ھوءَ مرد اڳيان غلامي طور حاضر رھي ٿي، ان ڪري وقت جي سرڪار کي ھاڻي اکيون پَٽڻ گھرجن، سنڌ ۾ خاص طور تي عورتن سان پيش ايندڙ مسئلن تي رڳو نوٽيس وٺڻ يا بيان ڏيڻ سان ڪم ڪونه ھلندو! خدارا نياڻين تي ظلم ۽ بربريت جا جبل ڪيرائيندڙ انھن ظالم وحشين ھمراھن خلاف عملي طور تي قدم کڻي کين سرعام سزائون ڏنيون وڃن ته موجوده وقت ڊپ، ۾ ورتل سنڌ جي عورت ڪو سک جو ساھھ کڻي جي نه پوءِ يقين ڪريو رب جي بي آواز لٺ جيڪڏھن ڪري ته پوءِ اوھان جا تختا ۽ ٺٺ سڀ ھڪڙي پل ۾ ختم ٿي ويندا.

رياض امر ٻجورو/سجاول

ٿر جي سياست جو اھم ڪردار !

  ڪافي وقت کان پئي سوچيم تھ ٿرپارڪر جي مشھور سياسي ملاڻي گهراڻي سان تعلق رکندڙ با صلاحيت، باوقار، شخصيت جي مالڪ ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي بابت ڪجهھ لکان، هيڏي وڏي شخصيت تي مون جهڙي معمولي ليکڪ پاران لکڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ برابر آھي، ان هوندي به ڪجھه لفظ ڀيٽا پيش ڪيان ٿو. عالمي انساني تاريخ تي نظر ڊوڙائبي ته انسان جي تاريخ پنهنجي حقن لاءِ جدوجهدن جي تاريخ آھي. تاريخ ۾ ٿورڙا اهڙا آدرشي انسان پيدا ٿيا آھن جن پنهنجيون تقديرون تبديل ڪري ڇڏيون، انسان دوست معاشرن جي جوڙجڪ لاءِ اهڙا مسيحا جڏهن پنهنجيون ذاتي خواهشون ۽ مفاد ڇڏي اجتمائي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙي تاريخ ساز ڪردار ادا ڪندا آھن، انهن مان هڪ ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي آھي، سياستدان هئڻ باوجود سياست کان هٽي ڪري بنا فرق جي انسان جي خدمت ۾ يقين رکندڙ انسان آھي، امر جگديش ملاڻي جنهن جا حوصلا هماليا کان به اوچا هئا جنهن جي دل سدا مظلوم ماروئڙن لاءِ دڙڪندي هئي جيڪو ٿر جي غريب ماروئڙن لاءِ گجگوڙ جيان آواز اٿاريندو هو، جنهن تي محترمه بينظير ڀٽو اعتماد ڪندي هئي جنهن وقت ٿر جي سياست کي سرعام للڪار ڪئي جنهن جي قربانين سان ئي ٿرپاڪر خطو پپلزپارٽي جو مضبوط قلعو بڻجي اڀري آيو، ان کان پوءِ ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي جو ٿر جي سياست ۾ اهم ڪردار رهيو آھي. ملاڻي خاندان جو سياسي تعلق پپلزپارٽي سان رهيو آھي ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي هن وقت ٿرپارڪر ضلعي ۾ سياسي اثر رسوخ رکندڙ اهم سياسي اڳواڻ آھي عوام جي دلين تي نه رڳو ترجماني ڪري ٿو پر هيٺئين سطح جي عوام سان مرڻي، پرڻي توڙي انهن جي ڏکن اهنجن ۽ انهن جي هر حوالي سان ساڻس شامل ٿي بيهي کين پنهجائپ هجڻ جو احساس ڏياريندو آھي، ٿرپارڪر جي ڪجهھ اهڙن سياستدانن مان هڪ آھي جيڪو سڌو سڌي طرح غربت توڙي وچولي ۽ مڪتب فڪر ورڪر سان تعلق رکندڙ جو رشتو رکندو اچي ٿو چوڻ جو مقصد ته اهڙا ليڊر هميشه عوام جي دلين تي راج ڪندا آھن ائين ئي ملاڻي گهراڻي لاءِ دعاگو آھيان پنهنجي مشن کي جاري رکندا اچن ۽ هن غربت واري خطي جي ماروئڙن لاءِ ڪردار ادا ڪندا رهن.

غلام رحيم جوڻيجو موکار / مٺي

ڊپلوميٽ چينل ۽ وزيراعظم جي جذباتي تقرير!

  گذريل 20 ڏينھن کان يوڪرين ۽ روس وچ ۾ جنگ جاري آھي، جنگ جي نقصان ۾ ھن وقت تائين 15 ھزار جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن 28 لک ماڻھو ملڪ ڇڏي مھاجرن واري زندگي گذاري رھيا آھن ۽ 119 بلين ڊالرن جي ملڪيتن کي نقصان پھتو آھي، جنگبندي لاءِ يورپي يونين سميت دنيا جون انساني حقن واريون تنظيمون ڪوشان آھن اھڙي طرح يورپي يونين پاران پاڪستان حڪومت کي پڻ عرض ڪيو آھي تھ پاڪستان ھڪ جوھري ملڪ آھي، جنگبندي لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪري، يورپين يونين جي اھڙي درخواست تي ڪجھھ ڏينھن اڳ وزيراعظم عمران خان جلسي ۾ ڪارڪن کي جذباتي تقرير ڪندي چيو تھ يورپين يونين اسان کي خط لکي اسان مٿان دٻاءُ وجھڻ جي ڪوشش ٿي ڪري، ڇا اسان انھن جا غلام آھيون جو جيئن ھو چون تيئن ڪريون؟ ان بيان کي سوشل ميڊيا تي وزيراعظم جي حامين پاران تمام گھڻو ساراھيو ويو پر پاڪستان جي اپوزيشن پارٽين ان بيان جي مذمت ڪندي چيو تھ عمران خان کي اھڙي قسم جو بيان نھ ڏيڻ کپي ھا، ان قسم جا بيان ملڪن وچ ۾ ٽڪراءَ ۽ ويڇا پيدا ڪري سگھن ٿا. پاڪستان حڪومت ڪشمير جي معاملي تي پنھنجي موقف جي حمايت لاءِ ڪيترن ئي ملڪن کي ساڳيا خط لکي چڪي آھي پر لڳ ڀڳ ملڪ پنھنجي منسٽري آف فارين افئير يا ان ۾ پنھنجي ڊپلوميٽ مشن ذريعي جواب جمع ڪرائيندا آھن ان جو وڏو سبب اھو بھ آھي تھ اڪثر ملڪن جا سياسي ليڊر جذباتي تقريرن بجاءِ پنھنجي ڪارڪردگي بنياد تي عوام سان مخاطب ٿيندا آھن.

امداد جمالي/ ڪراچي

پاڻ پتوڙيندڙ شخص!

  ٻار جڏهن ننڍپڻ کان گذري جواني ۾ اچي ٿو ته ان تي ذميواريون لاڳو ٿين ٿيون، اهڙيون ذميواريون نڀائيندڙ هڪ شخص گهر جو سودو سامان وٺي رهيو هو، سامان کڻائڻ لاءِ رڪشا واري کي چيائين سامان کڻندو؟ ها ڪندي رڪشا وارو دڪان آڏو انتظار ڪندو نظر آيو، اوچتو رڪشا تان لهي دڪان تي چڙهي آيو ۽ دڪاندار کي چيائين “ٻھ بسڪيٽن جون فاريون ته ڏجو” يڪدم سارنگ جي نظر ان جي اکين تي پئي، اکين ۾ هڪ عجيب منظر ڏسڻ ۾ آيو، هن جي اکين ۾ بک ڇوليون کائي رهي هئي، مايوسي پنهنجي چادر ويڙهي چڪي هئي، درد ڀَڀڪا ڏئي نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ھو پاڻ کي هن سماج ۾ بدنصيب سمجهي رهيو هو، پاڻ کي غريب سمجهي رهيو هو، پنهنجي دردن جي دانهن ڏيڻ لاءِ هم خيال شخص جي ڳولا ۾ نظر ڊوڙندي نظر آئي، ھو ڪنهن جي آڏو التجا ڪرڻ پيو چاهي پر هن سماج جي ڀڄ ڊوڙ جي هجوم ۾ بھ اڪيلو پاڻ کي ڏٺائين، ڇا ڪاڻ تھ ھو غريب هو ۽ غريب جو هن مفادپرست دنيا ۾ ڪو بھ نھ هوندو آهي، بس اڪيلو هوندو آهي، هن وحشي سماج جي طوفان ۾ ڀٽڪندو رهندو آهي. سامان رڪشا تي رکڻ کان پوءِ سوچ آئي ته اڳيان نه ويهجي، ان اکين کان پري ڀڄجي ڇاڪاڻ اُي اکيون غربت ڪري باغي هيون. پر مان ڀڄي ڪونھ سگھيس، پري ٿي ڪونھ سگھيس، ڏسڻ کان به رھي ڪونھ سگھيس، ٿورڙي دير پويان ويهڻ کان پوءِ نظر ورائي جڏهن پوئتي نهاريو ته مها ساگر ۾ سمايل اکين جو عڪس صاف صاف آئيني ۾ نظر اچي رهيو هو، الائي ڪھڙو سبب هو جو انهن اکين تي نظر پوڻ سان ئي اھي قيدي بڻائي پيون ڇڏين ۽ اھو ڪهڙو درد هو جو سوچڻ تي پيو مجبور ڪري. ھو هن سماج جو حصو هو يا بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ھو باقي انسانن جيان هڪ انسان هو، ھو هڪ مزدور هو، ان جي حالت وقت جي حڪمرانن جي غلطين جو نتيجو هو؟ يا پنهنجي غلطين جو نتيجو هو؟ مان ايترو ڏٺو ته ھو ان وقت بيوس هو، لاچار هو پاڻ پتوڙيندڙ هڪ بهادر شخص هو.

اسرار سومرو/ شهدادڪوٽ

صحت مرڪز دونھائي خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا بند ڪريو!‎‎

  ڪافي ڏينھن کان  سوشل ميڊيا تي (ھيلٿ سينٽر دونھائي) جو ذڪر ھلي رھيو آھي، افسوس تھ ڪجھھ شر پسند سوشل ميڊيا تي ويھي ڪنھن نھ ڪنھن تي تنقيد ڪرڻ ۽ فضول ڳالھيون ڪري پنھنجو پاڻ کي مڙس ماڻھو، داداگير ثابت ڪري پنھنجا شاھي فرمان پورا نھ ٿيڻ ڪري مسلسل اسپتال جي فرض شناس ڊاڪٽر ۽ فيميل اسٽاف تي تنقيدن جا تير وسائي رھيا آھن ۽ زھريلي زبان استعمال ڪري رھيا آھن، دونھائي اسپتال ۽ ان جو ايماندار اسٽاف جيڪو 24 ڪلاڪ ھن علائقي جي غريب، لاچار، ۽ بي سھارا عوام جي خدمت ۾ مصروف آھي، جنھن خلاف من گھڙت ڪھاڻيون ٺاھي، اسپتال جي ساک متاثر ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رھيا آھن. اسان ڳوٺاڻا ۽ علائقي واسي ھن سينٽر کي ھلائڻ واري اداري پي پي ايڇ آءِ سنڌ جا بھ ڪجھھ قائدا قانون آھن، اسٽاف کي بھ انھن قانونن جي پاسداري ڪرڻي ٿي پوي، پوءِ اھا ڳالھھ ڪجھھ ماڻھن کي ڏکي لڳي ٿي، ڀلا ان ۾ اسٽاف جو ڪھڙو ڏوھھ آھي، ھنن جي بھ مجبوري آھي آفيس کان مليل آرڊر کي تسليم ڪرڻ  ھن وقت اسپتال جو نظام بھترين طريقي سان ھلي رھيو آھي ۽ اھا ڳالھھ ڪجھھ شرارتي ماڻھن کي ھضم نھ پئي ٿئي، جن اسپتال عملي خلاف باھھ ٻاري ڏني آھي، جڏھن تھ ڊاڪٽر تمام بھترين انسان آھي، ھن جي اچڻ کان پوءِ اسپتال جو نظام تمام بھترين ھلي رھيو آھي، بس ڪجھھ شرارتي ماڻھن کي اھا ڳالھھ ڏکي لڳي ٿي، اسپتال جو ھلندڙ بھتر نظام ھنن کان ھضم ڪونھ پيو ٿئي، اسپتال اندر بھ ڪجھھ اھڙا ماڻھو آھن جيڪي چاھين ٿا تھ اسپتال جو نظام خراب ٿئي، اسان انھن کي بھ چونداسين تھ خدارا اجايو تنقيد ڪري ھلندڙ بھترين نظام کي بدنام نھ ڪريو، اسپتال ۽ اسٽاف جي خلاف نفرت انگيز مواد شيئر ڪرڻ کان پرھيز ڪريو، ڪنھن جي بھ نفرت انگيز پوسٽ پڙھي بنا ڪنھن تصديق جي پوسٽ تي ناڪاري ڪمينٽس ۽ گٿا لفظ لکڻ کان پرھيز ڪريو.

جاويد علي سومرو/ڳوٺ دونھائي، ٿرپارڪر

چوپائي مال ۾ پکڙيل بيماريءَ جو ترت نوٽيس وٺو!

راڻيپور ڀرسان يوسي جهنڊو مشائخ جي مختلف ڳوٺن ۾ چوپائي مال ۾ بيماري بکڙجي وئي آھي، ڊاڪٽرن موجب ته ه لمپي وائرس آھي جيڪا هڪ جانور کان ٻئي جانور کي وچڙي ٿي، يوسي جھنڊو مشائخ جي مختلف ڳوٺن ۾ چوپائي مال ۾ خطرناڪ بيماري لمپي وائرس تيزيءَ سان ڦھلجڻ لڳو آھي، ڳوٺ احمد علي عمراڻي، ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ڳوٺ غوث بخش ڄامڙو ۽ ٻيا ڳوٺ لمپي وائرس جي ڪري سخت متاثر ٿيڻ لڳا آھن. ڳوٺ احمد علي عمراڻي جي مالوند جي چوپائي مال کي جسم تي ننڍيون وڏيون ڳوڙھيون ٿين ٿيون، جيڪي ڪجھھ دير ۾ ڦاٽي پون ٿيون جن مان غدود وھڻ لڳي ٿو، جنھن ڪري جانور کي جسم ۾ سخت سور پيدا ٿئي ٿو، جنھن ڪري ھو کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ ھڪ جانور کان ھي بيماري ٻئي جانور کي وچڙي وڃي ٿي، ھنن خطرناڪ بيماري ۾ ڳوٺ احمد علي عمراڻي ۾ عزيز الله عمراڻي جي ھڪ ٻڪري مري وئي ۽ سندس ڪيترائي جانور متاثر ٿيا آھن، اسان جي لائيو اسٽاڪ کاتي جي منسٽر ۽ ڊي سي خيرپور کان مطالبو آھي ته يوسي جھنڊو مشائخ جي مختلف ڳوٺن ۾ ڦھلجندڙ بيماري جي بچاءَ جا احتياطي ٽڪا ھڻائي ڏنا وڃن.

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور

باھھ لڳڻ جا واقعا ۽ روايتي انتظامي لاپرواھي!

سنڌ جي مختلف شھرن ۾ رڳو ھڪڙي ڏينهن ۾ باھھ لڳڻ جي واقعن ۾ ماروئڙن جا مجموعي طور 15 گھر سڙي رک ٿي ويا، انهن تازن واقعن ۾ ھڪ افسوسناڪ واقعو منهنجي جنم ڀومي تعلقي چمبڙ جي يوسي لانڍي ۾ منهنجي ڳوٺ سھراب لغاري ۾ پڻ پيش آيو، جتي اتفاقن سج لٿي جي وقت باھھ لڳڻ جي صورت ۾ گھرن کي آيل لوڙھي کي باهه مڪمل طور پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو ۽ سڄو ڳوٺ ان وقت ان بي رحم باھھ جي شعلن سبب ڪنهن قيامت برپا ٿيڻ جو ڏيک ڏيڻ لڳو، گھرن ۾ موجود ماڻهو بي وسي جي حالت ۾ پنهنجي اباڻن ڪکن کي سڙندي اندر ئي اندر ۾ ڪنهن مچ وانگر ٻرندا رھيا. جس لھن ڳوٺاڻا جن بنا ڪنهن انتظامي آسري جي پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه جي گھيري ۾ آيل سڄي ڳوٺ کي ڪنهن به جاني و مالي نقصان کان بچائي ورتو، ڳوٺ جي رھواسي ٽريڪٽر ڊرائيور عبدااللھ لغاري پنهنجو جيءُ جوکي ۾ وجھندي ٽريڪٽر ذريعي باھھ کي ٽوڙي باهه تي ظابطو آندو. ساڳئي ڏينهن ھن واقعي سميت مانجھند شھر ۾ پڻ غريبن جي گھرن کي باھھ وڪوڙي الھھ تلھھ ساڙي ڇڏيو ھر واقعي جيان سنڌ ۾ ھي باھھ لڳڻ جا واقعا پڻ ڪي نوان ته ناهن جو انتظاميا کي سڌ ئي نه ھجي ته اھڙن واقعن ٿيڻ سان ترت اپاءَ وٺندي غريب عوام کي ڪيئن جاني و مالي نقصان کان بچائي سگھجي ٿو. ھر روز اخبارون پڙھندي سڄي سنڌ مان ماروئڙن جي جاين سڙڻ جون خبرون پڙھڻ لاءِ ملن ٿيون پر ھر ڀيري جيڪڏهن باھھ جي شعلن ۽ انتظاميا جي روايتي لاپرواھي جي ڀيٽ ڪبي ته وري به گوءِ انتظاميا جي روايتي لاپرواھي کڻي وڃي ٿي. فائير برگيڊ عملو ھر ھنڌ تڏھن پھچي ٿو جڏهن سڀ ڪجهه باهه ساڙي چڪي ھوندي آهي.“رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورھيه ٿيا.” خبر ناهي ڪڏهن انتظاميا ان روايتي لاپرواھي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندي، باھھ لڳڻ سان مسڪين ماروئڙن جو نه رڳو جاني و مالي نقصان ٿئي ٿو پر انهن اباڻن ڪکن جي سڙڻ سان ماروئڙن جا انهن ڪکن سان جڙيل اندر جا احساس پڻ سڙن ٿا جن جو ازالو باھھ جي ختم ٿيڻ سان به ممڪن نٿو بڻجي.

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

سکر جيل جي ڊائري!

(قسط پنجين)

                         مون واري لفظ توائي تي بابا ۽ ٻين قيدين جا ٽھڪ کوليءَکان نڪري پري پري تائين پکڙجي ويا، بابا سائين ٽھڪن جي خوشبو آئون اڃا تائين پنھنجي ساھن ۾ محسوس ڪري رھيو ھئس. مون بي وسي محسوس ڪندي پنھنجوڪنڌ کڻي جهڪايوتھ منھنجي اکين مان کاري پاڻيءَ جاٻھ ڦڙا ڪري پيا.آئون بابا لاءِ پريشان ھئس، پنھنجي پاڻ لاءِ نھ!، بابا سائين ڪڏھن پري کان بھ ٿاڻوناھي ڏٺو پر ھاڻ منھنجي ڪري ھو قيدي بڻيل آھي. منھنجي ڪري بابا جي عزت تي آڱريون کڄي رھيون آھن ۽ ھاڻي کيس اڪيلو ڪيو ويو آھي. يعني ھاڻ ھُن جي جان کي بھ خطرو آھي. ھاڻ بابا ايشيا جي خطرناڪ ترين جيل ۾ قيد آھي.ھُن مون تي تشدد ٿيندي پنھنجي اکين سان ڏٺو آھي.جيتوڻيڪ ھو منھنجي جسم تي ھڪ معمولي مڇر بھ برداشت ناھي ڪري سگهندو. آئون انھن ئي سوچن ۾ گم ھئس تھ گاڏيءَ جي در کلڻ جي آواز مون کي ڇرڪائي ڇڏيو. سڀن جا پير اُگهاڙا ھئا، ان لاءِ ماڙي ۾ ڪنھن بھ مار نھ کاڌي. ياد رھي تھ مڙس ۽ ڀاڙئي جي خبر ماڙيءَ جيدر تي ئي جيل وارن کي پئجي ويندي آھي، ڇو جو اُتي قيديءَ کان جتيون کڻايون وينديون آھن،جيڪو انڪار ڪندو آھي ان جي انڪار کي ھر ممڪن طور ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي. مار موچڙو، نڪ ۾ پاڻي  وڌو ويندو آھي. سچ پتلا ھنيا ويندا آھن،پڪي جوابدار ھٿان ڪُٽرايو ويندو آھي پوءِ بندوارڊ،سيل وارڊ وغيرھ،يعني تمام گهڻو ڪم آھي جيڪو اوھان سوچي بھ نٿا سگهو. ممڪن آھي تھ ان مان ڪجهھ عمل توھان کي ھالي ووڊ جي فلمن۾ يا ترڪي جنگي ڊرامن ۾ نظر اچن. آئون پاڻ انھن سڀني عملن مان گذري چڪو آھيان.بھرحال سپاھين جي نفري تمام وڏي ھئي جن جي ھٿن ۾ لٺيون ۽ڏنڊا ھئا، ڏينھن، شام ۽ رات جو تمام پوليس عملو اتي موجود ھو. ماڙيءَ کان اسان کي سڌو صوبيدار جي آفيس جي ٻاھر آندو ويو، جتي سڀني کي پٽ تي اوڪڻو ويھڻ جو حڪم ڏنو ويو.(جاري)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد