اشو آف دي ڊي وزيراعظم جو سرپرائيز

0
198
اشو آف دي ڊي وزيراعظم جو سرپرائيز

نه ڏهه لک ماڻهن جو جلوو، نه ڪوئي سرپرائيز ۽ نه ئي ٽرمپ ڪارڊ، تقرير ختم ٿيڻ تي خواجا حيدر علي آتش جو شعر ياد آيو.

بڑا شور سنتے تھے پہلو میں دل کا

جو چیرا   تو اک قطرۂ خوں نہ نکلا

اها ڪهڙي غيرملڪي سازش آهي جنهن جي خبر مون 12 جنوري 2022ع تي پنهنجي ڪالم ۾ ڏني هئي ڪالم جو عنوان هو تبديلي سرڪار ۾ بغاوت، ان ڪالم ۾ لکيو هو ته نور عالم سميت تحريڪ انصاف جا 22 قومي اسيمبلي ميمبر پنهنجي حڪومت خلاف بغاوت لاءِ تيار ويٺا آهن.(حامد مير جو ٽوئيٽ)

هاڻي اها بي اعتمادي رٿ عثمان بوزدار خلاف جمع ڪرائي وئي آهي، اها به عالمي سازش آهي؟ پوءِ بوزدار صاحب ته لازم آهي ته هو ڪو ئي خط نه پر صحيح ٿيل چٺي ئي کيسي مان ڪڍي ڏيکاري، عمران جي تقرير گهٽ، هڪ مايوس ۽ ٿڪيل هارايل شخص جا طعنا وڌيڪ هئا، ڇا سرپرائيز اهو آف دي رڪارڊ وارو خط هو؟ . ٽرمپ ڪارڊ جو ٽائيم گذري ويو، هاڻ هن وٽ فقط سڃاڻپ ڪارڊ بچيو آهي (اشفاق آذر  جو ٽوئيٽ)

عمران خان جي اها دعويٰ آهي ته آمريڪا ان جي حڪومت کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، ائين آهي ته جيئن اسان جو دوست طاهر اشرفي دعويٰ ڪري ته سعودي عرب جي حڪومت ان کي حڪومت مان ڪڍڻ جي سازش ڪري رهي آهي. ڪوڙ ڪوڙ ڪوڙ، هي خط نه ڪنهن آمريڪا موڪليو آهي نه ڪنهن يورپي ملڪ جي ڪنهن عهديدار، جيڪڏهن عمران خان اهو ثابت ڪري ته ڌمڪي وارو خط ڪنهن مغربي ملڪ جي عهديدار موڪليو آهي ته آئون غلام سرور ۽ شهريار آفريدي وانگر خودڪشي ته نٿو ڪري سگهان پر صحافت ڇڏي سگهان ٿو.(سليم صافي جو ٽوئيٽ)

عمران خان نه اڃا ٽرمپ ڪارڊ کيڏيو آهي نه سرپرائيز ڏنو، ٿورو انتظار ڪريو، جهانگير ترين ۽ سندس گروپ جا مسئلا به حل ٿي ويا آهن جلد اعلان ٿي ويندو، عمران خان اڄ تمام گهڻو مسرور آهي، چوڌري پرويز الاهي وزيراعليٰ پنجاب ۽ عثمان بوزدار مستعفي، ٿورو سوچيو آفر ته زرداري ۽ نواز شريف به ڪئي هئي پر چوڌري پرويز الاهي عمران خان جي آفر قبول ڪئي، هاڻي سڀ ڏسندا رهو(ڪامران خان جو ٽوئيٽ)

قطري خط جو مذاق اڏائيندڙن جو پنهنجو فرضي خط نڪري آيو، ٻيو ڇا ڇا سامهون ايندو؟ عالمي سازش، عالمي ڌمڪي واري خط باوجود حڪومت اتحادي وزيراعظم عمران خان کي ڇڏي وڃي رهيا آهن، مستعفي ٿيڻ جا خط لکي وڃي رهيا آهن، شاهزين بگٽي حڪومتي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي، حڪومت جو موقف هو ته انهن کي پرچائي واپس وٺي ايندا پر بگٽي جو فيصلو اچي ويو (غريده فاروقي جو ٽوئيٽ)

عمران خان وٽ جيڪو خط آهي اهو اهم ٿي سگهي ٿو يا غير اهم پر شريف خاندان جي خزاني ۾ قطري خط پيو آهي ان جو ته ڪو ذڪر ئي ناهي، حمزه شهباز چوي ٿو ته عمران خان جي جلسي ۾ ماڻهو نه آيا هئا ته پوءِ اهي لکين چهرا جن هئا يا روبوٽ هئا؟ (هارون رشيد جو ٽوئيٽ)

ڪوئي نٿو ٻڌائي ته ڪپتان جي تقرير دوران ان جا وزير جلسو ڇڏي پنهنجي گهرن ڏانهن ڇو هليا ويا ؟؟؟ يار ٻڌايو نه….خط ڏيکاريو جيڪو ثبوت هو نه ڪنهن کي ڏيکاريو نه ڪنهن کي پڙهايو نه وري پڙهي ٻڌايو، بس مڃو ته اها ڌمڪي هئي، او منهنجا ڀاءُ ايئن ته اسان ناهيون مڃيندا (نذير لغاري جو ٽوئيٽ)

چوڌري پرويز الاهي اڃا حڪومت جي آڇ قبول ناهي ڪئي، ق ليگ جي ذريعن جو اهو چوڻ آهي، وزيراعظم جي تقرير ۾ وڏو سرپرائيز آخر ڇا هو؟ پرڏيهي طاقتن جي ذريعي حڪومت ڪيرائڻ جي الزام ۾ ڪيتري جان آهي؟ اهو سرپرائيز هو ته اسان وٽ جيڪي ثبوت آهن اهي ظاهر ڪندس ته الزام نه هڻي رهيو آهيان جيڪو خط آهي اهو منهنجي هٿ ۾ ثبوت آهي.(عاصمه شيرازي جو ٽوئيٽ)